ڀان سيدآباد: جمالي برادري جو صحافي کان ڦر ۽ وڌندڙ بدامني خلاف احتجاجي مظاهرو

ڀان سيدآباد ۾ جمالي برادري  پاران صحافي عبدالڪريم جمالي کان ڦر واقعي ۽ وڌندڙ بدامني خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.

جمالي برادري جي ماڻهن پاران پريس ڪلب اڳيان هٿن ۾  بينر کڻي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي سخت نعريبازي ڪئي وئي جنهن ڪري روڊ بلاڪ ٿي ويو.

ان موقعي تي اڳواڻن ذوالفقار علي مينگل، مظفر علي کوکر، شاهنواز جمالي ۽ ٻين چيو ته ڀان پوليس جي نااهلي سبب شهر ۾ بدامني چوٽ چڙهيل آهي، ڦر ۽ چوريون روز جو معمول بڻيل آهن، شهرين جيان صحافي به غيرمحفوظ بڻيل آهن،

احتجاج ڪندڙن  چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن 3 ڏينهن اندر صحافي عبدالڪريم جمالي کي سخت تشدد ڪري ڦر ڪندڙ جوابدار ن کي گرفتار ڪري موٽرسائيڪل واپس نه ڪرائي وئي ته سي ايم هائوس واهڙ اڳيان بک هڙتال ڪئي ويندي جيڪا تدارڪ ٿيڻ تائين جاري رهندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.