گولاڙچي مان کنڀيل سومار ملاح جي آزادي لاءِ احتجاج

گولاڙچي (ن ع آ) گولاڙچي مان کنڀي ڪيل پورهيت سومار ملاح جي بازيابي لاءِ وارثن ۽ سول سوسائيٽي پاران مڇي مارڪيٽ کان  احمد راڄو روڊ تائين 145 ڏينهن به مظاهرو ڪيو ان موقعي تي بلاول ملاح، انور شاهاڻي ۽ ٻين صحافين سان ڳالهيندي چيو ته پورهيت سومار ملاح کي 145 ڏينهن ٿي ويا آهن اسين سندس بازيابي لاءِ روز احتجاج ڪري رهيا آهيون سندس ماءُ پٽ جي آزادي لاءِ دعائون ڪري ڪري روئي ٿي ڏئي هنن چيو ته سومار ملاح جي ماءُ پٽ جي وڇوڙي سبب بيمار آهي. هنن سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ۽  انساني حقن جي تنظيمنن کي اپيل ڪئي ته سومار ملاح جي بازيابي لاءِ آواز اٿارين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.