عورتن ۽ ٻارن لاءِ ٽامو بڻيل ڌرتي

اشرف لاريب

عورت جي وجود سان ئي انسان ذات جو وجود عمل ۾اچي ٿو. عورت ۽ ننڍڙا ٻار هِن ڌرتي جي سونهن آهن، جنهن سان ڪائنات جي خوبصورتي قائم آهي. چوندا آهن ته عورت گهر جو سينگار هوندي آهي، جيڪا هڪ ئي وقت ڪيترن ئي رشتن کي جنم ڏيندڙ آهي. ماءُ، ڀيڻ، زال، چاچي، ماسي، مامي ۽ ڌيءَ جهڙا انيڪ رشتا عورت جي وجود سان قائم آهن. عورت جي وجود جي حيثيت سڀ کان پهرين زال جي روپ ۽ پوءِ نياڻي جي روپ ۾ٿي. عورت چاهي زال جي روپ ۾ هجي يا ڌيءَ جي روپ ۾هجي، هميشه پيار جي ديوي رهي آهي.

عورت جي اها فطرت آهي ته جهٽ ۾اعتبار ڪندي ان اعتبار جي آڙ ۾ڪيئي دوکا به کائيندي به آهي. جيئن تازو ئي عورت سان ٿيندڙ دوکي بابت ڏکوئيندڙ واقعو جيڪو ٽي ڏينهن اڳ ڪشمور جي هڪ ڳوٺ خاوند بخش ملڪ ۾پيش آيو، جنهن ۾ڪراچي واسڻ عورت جنهن کي چئن سالن جي معصوم پري عليشا ڌيءَ هئي، ان کي ڪراچي مان رفيق ملڪ نالي هڪ شخص دوکي سان گهرائي ڪشمور ۾ وڪرو ڪيو. خريدار عورت کي چئن سالن جي ڌيءَ سميت لڄالٽ جو نشانو بڻايو، اهو هانءُ ڏاريندڙ واقعو ميڊيا جي به زينت بڻيو. متاثره عورت هِڏڪيون ڀريندڙ معصوم ٻارڙي کي جڏهن هنج ۾کڻي ٿاڻي تي پهتي ۽ فرياد ڪئي، ان وقت هڪ گدلي رلي ۾ويڙهيل عليشا ٿاڻي ۾موجود پوليس اهلڪارن کي پنهنجي رت سان ڀريل ڪپڙن ڏانهن اشارو ڪندي پوليس اهلڪارن کي اهو چئي رهي هئي ته ”انڪل مجهه سي ڪسي ني بدتميزي ڪي هي“! نياڻي ۽ سندس ماءُ پاڻ سان ٿيندڙ زيادتي جو داستان ٻڌئيندي روئي ويٺي. نتيجي ۾ جوابدار کي گرفتار ته ڪيو ويو آهي.

زيادتي مهل ان معصوم عليشا جون دانهون آسمان تائين پهتيون هونديون، جڏهن هوءَ معصوم درندگيءَ جو نشانو بڻي هوندي! ٿوري دير لاءِ نياڻين واريون مائرون، والدين ۽ سمورو سماج اهو سوچي ته جڏهن هن ننڍڙي پتڪڙي سان زيادتي ٿي هوندي ته هُن معصوم ان وقت دانهون ۽ پنهنجو پاڻ کي ظالم جي چنبي مان ڇڏائڻ لاءِ هان ڏاريندڙ رڙيون به ڪيون هونديون تنهن تي فرشتن کي به روئڻ آيو هوندو. هوڏانهن مجبوري مان گهر مان نڪتل ماءُ جنهن کي معصوم نياڻي جا خيال ايندا هوندا، هوءَ پڻ زبردستي جبري هوس جو نشانو بڻجڻ مهل بيوس ٿي ُرني هوندي جنهن سان سموري انسانيت شرمائجي وئي هوندي.

اسان جي معاشري ۾هن وڌندڙ مهانگائي جي پيش نظر ڪيتريون ئي معصوم مائرون ۽ سندن نياڻيون پنهنجن گهرن کان ٻاهر نڪري بُکايل پيٽ جي خاطر هن ظالم سماج ۾گذر سفر لاءِ پورهيو ڪن ٿيون، ڪيتريون ئي جوان، پوڙهيون، توڙي معصوم نينگريون گهرن ۾ٻهاري پوچو ڪن ٿيون، ڪيتريون ئي حوا ڄايون بنگلن ۽ وڏن گهرن ۾مجبوري سان ڪم ڪار ڪري پيٽ گذر ڪن ٿيون. اڪثر ڪري بنگلن توڙي امير گهرن ۾جتي تمام ٿورا گهر جا ڀاتي رهن ٿا، اڪيلي گهرن ۾انهيءَ دوران اهي زيادتيءَ ۽ هوس جو نشانو به  بڻجن ٿيون. ڪيتريون ئي نياڻيون ڪم ڪندڙ هنڌن تي هوس جو نشانو بڻجن ٿيون، جيڪي ڪيس رپورٽ ئي نٿا ٿين.

اسان جي معاشري ۾اعتبار جهڙي خاصيت ناپيد ٿيندي پئي وڃي. نوجوان ڇوڪرا هجن يا ڇوڪريون ننڍڙيون ٻارڙيون هجن يا ٻارڙا ڏينهون ڏينهن غير محفوظ ٿيندا پيا وڃن. جڏهن ته والدين کي ان لاءِ هر وقت خبردار رهڻو ٿو پوي. اڄڪلهه جي دور ۾احساس ۽ اعتبار گهٽجندو پيو وڃي، ان لاءِ اسان کي ادارن ۾اخلاقي تعليم تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي.

دنيا جي سڌريل ملڪن ۾پنهنجي بچاءُ بابت تعليمي خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي پر ان جي اُبتڙ اسان جي ملڪ ۾اخلاقي تعليم تي تمام گهٽ ڌيان ڏنو پيو وڃي. اخلاقي تعليم جي فقدان سبب عورتن توڙي ٻارن سان ٿيندڙ زيادتين وارا ڪيس هر آئي ڏينهن رونما ٿي رهيا آهن. روز جي بنياد تي اخبارن ۾هڪ ئي وقت چار يا پنج زيادتين جي ڪيسن واريون خبرون ضرور شامل هونديون آهن ان کانسواءِ اهڙا ڪيترائي سوين زيادتين وارا ڪيس منظر عام تي اچي نه سگهندا آهن.

اسان هڪ اهڙي معاشري ۾رهون پيا جتي زيادتي ڪيس کي تمام عام ڪيس سمجهيو ويندو آهي. عزت خاطر ڪيترائي زيادتي ڪيس ظاهر ئي ڪونه ٿا ٿين ۽ نه ئي هوس پرست ۽ ظالم جوابدارن لاءِ اهڙي ڪا سخت سزا اچي ٿي جنهن مان ٻيا درندا به سبق سکن. هتي ته جوابدار پاڻ کي عزتدار سڏرائيندي سر عام گهمي رهيا هوندا آهن جيڪڏهن انهن خلاف ڪيس داخل ٿيندو به آهي ته ڪجهه ڏينهن بعد اهي باعزت بري ٿي انهن ساڳين ڪڌن ڪمن ۾لڳي ويندا آهن پر قدرت جو قانون آهي، رب جي ڪٽهڙي ۾اهي ظالم هڪ ڏينهن ضرور ايندا، دنيا مڪافاتي عمل آهي. اڄ ڪلهه اسان جي سنڌ ۾ انسانيت جا پساهه پورا ٿيندي نظر اچي رهيا آهن. هر طرف دردندگيءَ جو راڄ آهي، وحشيءَ ايتري تائين جو هُو معصوم ٻارڙن سان ڏاڍائي ڪندي دير ڪونه ٿا ڪن.

منهنجي وزيراعظم عمران خان، سنڌ حڪومت ، سول سوسائٽي جي ساڃاهه وندن، سياستدانن کي پرزور اپيل آهي ته عورتن ۽ ٻارڙن جي تحفظ جو ترجيحي بنيادن تي تحفظ ڪيو وڃي ۽ سنڌ جي وزيراعليٰ کي پرزور اپيل ٿي ڪجي ته سنڌ ۾ زيادتيون ڪندڙن خلاف ٺهراءَ پاس ڪيو وڃي. جنهن سان جنسي ڏاڍائي ڪندڙن کي عبرت ناڪ سزا ملي سگهي.

 

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.