سانگهڙ جي اهم سياسي شخصيت پ پ ايم پي اي ڄام مدد لاڏاڻو ڪري ويو

ڄام نواز علي ( ن ع آ) ضلعي سانگهڙ جو سينيئر سياستدان پ پ ايم پي اي ڄام مدد علي خان 59ورھين جي ڄمار۾ لاڏاڻو ڪري ويو سوڳ ۾ ڄام نواز علي تعلقي جا سمورا شھر بند ٿي ويا. سانگهڙ ضلعي جو سينيئر  سياستدان پ پ ايم اي ڄام مدد علي خان لاڏاڻو ڪري ويو . ڄام مدد ڪورونا سبب ٻن مهينن کان ڪراچي جي نجي اسپتال  ۾  علاج هيٺ رھيو زندگي ۽ موت جي جنگ وڙهندي 59سالن جي ڄمار ۾ سندس ساهه جي تند ٽٽي پئي ۽ مالڪ حقيقي سان مليو.  سندس آخري رسمون سندس سندس اباڻي ڳوٺ جام نواز علي ۾ ادا ڪيون وينديون سندس مڙھ مقامي قبرستان سيد شاھ محمد شاھ ۾ دفنايو ويندو. هن  سوڳوارن ۾  ٻه گهر واريون. ٻه پٽ ۽ هڪ نياڻي پٺيان ڇڏيون آهن.  ڄام نواز علي، نئوآباد، دلور ٻيراڻي رڪن ٻرڙا قاضي شاخ ڄام برانچ سميت علائقا مڪمل طور بند ٿي ويا.03

ڄام مدد ايم پي اي ۽ مخالف ڌر اڳواڻ رهيو

ڪراچي/ ڄام نواز علي(رپورٽر/ ن ع آ) پ پ ايم پي اي ڄام مدد علي خان نواب ڄام انور علي خان جي گهر ۾  4  ڊسمبر   1962 ع تي ڄام  نواز علي ۾ جنم ورتو سياست جي شروعات مڪاني چونڊن کان ڪئي سڀ کان پهرين نئون آباد يونين ڪائونسل جو چيئرمين مقرر ٿيو. اڳوڻي وڏي وزير  مرحوم ڄام صادق علي جي وفات کان پوءِ  ڄام خاندان جي سياست جو نالو سڄي سنڌ ۾ روشن ڪيو . 1988ع جي چونڊن ۾ پي ايس ڄام نواز علي سنجهورو تان آزاد اميدوار طور اليڪشن کٽي پهريون دفعو  ايم پي اي بڻيو. .2013ع جي عام چونڊن ۾ پي ايس   43   تان پ پ  اڳواڻ محمد خان جوڻيجو ، ڄام مدد علي کي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو شڪست ڏني پر ڄام مدد علي محمد خان جوڻيجو کي جعلي ڊگري جي الزام هيٺ نااهل قرار ڏئي ٻيهر سندس پٽ جنيد عرف اصغر جوڻيجو جي مقابلي ف ليگ جي ٽڪيٽ تي ايم پي اي ٿي ويو .عوام جي بي حد اسرار تي 2017 ۾ ف ليگ کي الوداع ڪري پ پ ۾ شامل ٿيو. 2017جي ضمني چونڊن ۾ پي ايس 81تي پ پ جي ٽڪيٽ تي ڄام مدد علي خان سان سندس مقابلو سندس سوٽ ف ليگ اڳواڻ ڄام نفيس علي سان ٿيو جنهن کي پڻ ڄام مدد علي خان  شڪست ڏني. پي ايس 43 تي  2018جي عام چونڊن ۾ پ پ جي ٽڪيٽ تان ڄام مدد علي خان ، جي ڊي اي اڳواڻ سندس سوٽ ڄام صادق علي خان جي پٽ ڄام ذوالفقار علي خان کي هارائي ڪامياب ٿيو. ڄام مدد علي خان سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر، هڪ دفعو پبلڪ اڪائونٽ ڪاميٽي جو چيئرمين .هڪ دفعو صوبائي وزير هن وقت فنانس ڪاميٽي جو چيرمين هئڻ جو اعزاز ماڻيو 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.