جنوري ۾ پي ٽي آئي حڪومت جي تڏا ويڙهه ٿيندي: سپاف اڳواڻ منصور شاهاڻي

سپاف سنڌ جي صدر منصور احمد شاھاڻي چيوآهي ته پي ٽي آئي جي  تبديلي سرڪار پاڪستاني عوام مٿان مھانگائي جا بم ڪيرائي ڇڏيا آهن،  اٽو تيل کنڊ سميت عام واهپي جي شين جا اگهه  آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳا آهن  غريب عوام جو جيئڻ جنجال ٿي ويو  آهي انشاء الله پي ڊي ايم اي عوامي طاقت سان جنوري ۾ ناڪام پي ٽي آئي حڪومت جي تڏا ويڙهه ڪندي، گمبٽ ۾ پ پ تعلقي صدر ڪاشان احمد شيخ جي ڪارنر گڏجاڻي کي خطاب ڪندي منصور احمد شاهاڻي جو چوڻ هو ته هو سنڌ جي عوام سان گڏ آهن ، ان موقعي تي پي ٽي آئي،  پ پ شھيد ڀٽو ، جئي سنڌ اسٽوڏنٽ فيڊريشن جي شاگردن ميان وسيم احمد اڄڻ، محمد مٺل رتڙ ، آصف ناريجو،  عامر ناريجو۽ ٻين پنهنجي تنظيمن کي الوداع چئي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت تي ڀرپور اعتماد ڪندي پ پ اسٽوڏنٽ فيڊريشن ۾   شموليت اختيار ڪئي

رپورٽ- محمد علي اڄڻ

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.