دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ بينظير آباد مان ايس ٽي پي اڳواڻن جي ضمانت منظور

نوابشاهه(ڊ ر) دهشتگردي ٽوڙ شهيد بينظير آباد جي جج رسول بخش سومرو جي عدالت ٻيٽن تي قبضي خلاف نوابشاهه ۾ شٽر بند هڙتال ڪرائڻ جي ڪيس ۾ جوابدار ڄاڻايل ايس ٽي پي جي ستن ڄڻن ضلعي صدر نثار ڪيريو، ٻُڍل مگسي، شاهنواز ڪيريو، رستم شاهه، رفيق ملاح، وقار ملاح جي ضمانت منظور ڪري ورتي آهي واضح رهي ته 14 اڪٽوبر تي سنڌ جي ٻيٽن تي قبضي خلاف نوابشاهه شهر ۾ شٽر بند هڙتال ڪرائڻ تي اي سيڪشن ٿاڻي تي مذڪوره ماڻهن تي دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو هو اڄ سندن عدالت ضمانت منظور ڪري ورتي جڏهن ته ايس ٽي پي ضلعي صدر ۽ ٻين عهديدارن ۽ ڪارڪنن جون ضمانت منظور ٿيڻ کانپوءِ ڪارڪنن ۾ خوشي جي لهر ڇائنجي وئي انهي موقعي تي نثار ڪيريو چيو ته اسان تي سنڌ خاطر ڪيترا به ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا وڃن پر اسان ڊڄڻ وارا ناهيون سنڌ ڌرتي جي انچ انچ جي حفاظت ڪرڻ لاءِ تيار آهيون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.