عالمي مارڪيٽ ۾ واڌ باوجود پاڪستان ۾ سون سستو ٿي ويو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڊالر ۽ سون جا جي اگهن ۾ گهٽتائي اچي وئي.

سنڌ سونارا ايسوسيئيشن موجب سون جي في تولي قيمت ۾ 100 رپين جي گهٽتائي ٿي جنهن کان پوءِ في تولو سون 1 لک 15 هزار 250 رپين جو ٿي ويو.

10 گرام سون 86 رپيا گهٽتائي کان پوءِ 98808 رپين تائين پهچي ويو جڏهن ته عالمي سونارا مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت 2 ڊالر واڌ سان 1904 ڊالر في اونس آهي.

ٻئي پاسي ملڪ ۾ رپئي جي قدر ۾ واڌ ٿي ۽ انٽربينڪ ۾ ڊالر 32 پيسا سستو ٿي 161.05 رپين جو ٿي ويو.

اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر جي قيمت 60 پيسا گهٽ ٿي 161.20 رپيا آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.