برادري جي خدمت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس: جاويد سمون

مٽياري (ڊ ر) سنڌ جي نالي واري شخصيت ڄام آف سنڌ ڏاڏو محمد هاشم سمون جي چاليهي جي جي تقريب اڄ مٽياري لڳ سندس اباڻي شهر سيکاٽ ۾ ٿي رهي آهي تقريب ۾ سندس وڏي فرزند جاويد احمد سمون کي ڄام آف سنڌ جي پڳ ٻڌرائي ويندي ڏاڏو محمد هاشم سمون کي سنڌ جي سموري سمان برادري پاران ڄام آف سمون جي پڳ ٻڌرايل هئي سندس لاڏاڻي کانپوءِ مٽن مائٽن ۽ برادري جي ماڻهن جي گڏيل فيصلي کانپوءِ ھاڻي اھا پڳ سندس وڏي فرزند کي ٻڌرائي پئي وڃي. ان ڏس ۾ اڄ سيکاٽ شهر ۾ چاليهي جي تقريب ڪوٺائي وئي آهي،  جنهن ۾سڄي سنڌ مان سمان برادري سان تعلق رکندڙ هزارين ماڻهن جي شرڪت متوقع آهي جڏهن ته پڳ واري تقريب ۾ سنڌ جي مختلف درگاهن جا گادي نشين توڙي مختلف راڄن جا پڳدار شرڪت ڪندا، جيڪي پڳ جا ور پڻ ڏيندا. ان سلسلي ۾ سيکاٽ شهر ۾ تقريب جون تياريون شروع ٿي چڪيون آهن هوڏانهن ڄام آف سنڌ جي پڳ جي اميدوار جاويد احمد سمون رابطي تي ٻڌايو ته آئون برادري جي ماڻهن توڙي مٽن مائٽن جو شڪر گذار آهيان جن مون مٿان اعتماد ڪندي ان ذميواري جي لائق سمجهيو منهنجي ڪوشش هوندي ته هاڻي ڏاڏو محمد هاشم سمون بنجي راڄن جي خدمت ڪريان، هن چيو ته ڄام آف سنڌ واري پڳ منهنجي لاءِ وڏو اعزاز آهي منهنجي ڪوشش هوندي برادري توڙي ٻين برادرين سان تعلق رکندڙ راڄن جي ماڻهن سان به گڏجي هلان.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.