ملڪ ۾ مهانگائي بي لغام، حڪومت جو نالو نه نشان

ڪراچي ( م ڊ ) مهانگائي تي ضابطو آڻڻ واريون حڪومتي  دعوائون ڌڙو ٿي ويون، ملڪ ۾ عام واهپي جي شين ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ ٿي وئي آهي، اوپن مارڪيٽ ۾ کاڌي پيتي جون شيون مهانگايون ٿي رهيون آهن.  ڪراچي ۾ ٽماٽر 150 رپيا ڪلو، ڀينڊي 140، ڪريلا 140، بصر 80، مٽر 320، توري 120 رپيا في ڪلو وڪرو ٿي رهي آهي، جڏهن ته مرغي جو گوشت 400 رپين تي پهچي ويو آهي.وفاقي گادي واري هنڌ اسلام آباد ۾ سرڪاري اگهن جي مقابلي ۾ ٽماٽر 32 رپيا في ڪلو، پٽاٽا 9 رپيا، بصر 10 رپيا ۽ اٽو  7 رپيا مهانگو وڪو ٿي رهيو آهي. شماريات کاتي موجب هڪ هفتي دوران مرغي 26 رپيا 44 پئسا في ڪلو مهانگي ٿي، جڏهن ته دڪاندارن جو چوڻ آهي ته هڪ هفتي دوران مرغي جي گوشت جي في ڪلو ۾ 35 رپيا واڌ ٿي آهي. شماريات کاتي موجب کنڊ 2 رپيا في ڪلو، ٽماٽر 4 رپيا  43 پئسا في ڪلو مهانگا ٿيا آهن.اسلام آباد ۾ ٽماٽر 140 رپيا في ڪلو، اوپن مارڪيٽ ۾ آنن جو درجن 170 رپين تائين ڇهچي ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.