ڪوهستان ۾ ڌاري آبادڪاري خلاف ملاح فورم جي ريلي، ڌرڻو

ٺٽو(ڊ  ر ) ڪوھستاني زمينن تي جعسازي وسيلي ڌارين کي نوازڻ، ٺٽي جو سڙي ويل روينيو رڪارڊ 13 سال گذرڻ باوجود ٻيھر بحال نہ ٿيڻ  سميت صدارتي آرڊيسنس ۽ ڪي ڦور منصوبي خلاف سنڌ ملاح فورم پاران متاثر کاتيدارن سان گڏ مسئلن جي حل لاء جدوجھد جاري، ان سلسلي ۾ سونڊا شھر ۾ سنڌ ملاح فورم سنڌ جي نائب صدر ملاح اڳواڻ ڏاڏا محمد آدم گندرو، جي اڳواڻي ۾ ھٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي ٺٽو حيدر آباد قومي شاھراھ تي ڌرڻو ھنيو ويو. جنھن ۾ متاثر کاتيدارن، ڪوھستاني توڙي ساحلي پٽي جي رھواسين سميت ملاح برادري وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، احتجاجي ڌرڻي سبب ڪيتريون ئي گاڏيون روڊ جي ٻنھي پاسن کان بيھجي ويون. ان موقعي تي احتجاجي مظاھري کي خطاب ڪندي ملاح اڳواڻ ڏاڏا محمد آدم گندرو چيو تہ ضلعي ٺٽي جي عوام کي حڪمرانن پاران بي يارو مددگار ڇڏيو ويو آھي، جنھن ڪري عوام تمام بنيادي گھرجن، مسئلن ۾ فاٿل آھي. ھنن چيو  13 سال گذري وڃڻ باوجود اڃان تائين سڙي ويل ٺٽي جو روينيو رڪارڊ ٻيھر بحال ٿي ناھي سگھيو ۽ نہ ئي ڪوھستان جي زمينن جو رڪارڊ ري رائٽ ٿي سگھيو آھي زمينن جا کين اڃان تائين نہ معاوضا ملي سگھيا آھن ۽ نہ ئي قديمي ڳوٺ پڪا ٿي سگھيا آھن، سنڌ ملاح فورم جي پليٽ فارم تان متاثر ماڻھن سان گڏ ندن احتجاج جاري رھندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.