ايم پي اي شازيه ڪريم سنگهار طرفان لياري ۾ حددخلين خلاف آپريشن ڪرڻ جي هدايت

لياري (ن ع آ) ڪراچي لياري ۾ پراڻي ٽرڪ اسٽينڊ وٽ قائم ناجائز حددخلين جو پيپلزپارٽي ايم پي اي شازيه ڪريم سنگھار ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر لياري عبدالڪريم ميمڻ سان گڏجي حددخلين جو معائنو ڪيو، پيپلزپارٽي ايم پي اي شازيه ڪريم سنگھار پاران اسسٽنٽ ڪمشنر لياري کي ناجائز حددخلين خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏئي ڇڏيو. اسسٽنٽ ڪمشنر لياري لاڳاپيل اداري کي حددخلين خلاف آپريشن جون ھدايتون جاري ڪري ڇڏيون ناجائز حددخليون ڪري ٽرڪ اڏي وٽ منشيات پڻ وڪرو ڪئي وڃي ٿي ٽرڪ اڏي جي آڙ ۾ منشيات جو اڏو ٺاھيو ويو آهي ناجائز حددخليون ختم ڪري ان جاءِ تي عوام جي ڀلائي لاءِ پبلڪ لائبريري تعمير ڪرائي ويندي.

اي سي مٽياري طرفان ٽائون انتظاميا کي صفائي، ڊرينيج نظام ۽ اسٽريٽ لائيٽ جون سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت

مٽياري (ت ر) اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ ايڊمنسٽريٽر ٽائون ڪميٽي مٽياري عبدالمجيد زهراڻي شهر جو دورو ڪري ٽائون انتطاميا کي صفائي سٿرائي ، اسٽريٽ لائيٽ ۽ ڊرينيج سسٽم جي صفائي جون بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ هنگامي بنيادن تي هدايتون جاري ڪندي چيو آهي ته شهرين کي سهولتون ڏيڻ انهن جو بنيادي حق آهي جنهن تي ڪنهن به قسم جي غفلت، سستي ۽ لاپرواهي کي برداشت نه ڪيو ويندو. ان موقعي تي ايڊمنسٽريٽر عبدالمجيد زهراڻي شهر جي مين بس اسٽاپ تي موجود ناجائز حد دخلين کي ختم ڪرائڻ جا پڻ احڪامات جاري ڪيا ۽ انهن مٿان ڏنڊ پڻ لڳايا، جڏهن ته قاضي خيرالبشر، دلشاد صبح پوٽو، غلام مصطفيٰ صدر، وزير ميمڻ ۽ ٻيا ساڻس گڏ هئا.

اسلام ڪوٽ ۾ ڳوٺاڻن جو بااثر خلاف احتجاج

مٺي(بيوروچيف)ننگرپارڪر جي ڳوٺ ڍاڀو سمان جي ڳوٺاڻن حُب علي سمون پنهنجي عزيزن منظور علي ۽ محمد وارث سان گڏ پريس ڪلب اسلام ڪوٽ پهچي احتجاج ڪندي چيو آهي ته منهنجا ڀيل برادري جي دودو ڀيل ڏانهن 8 لک رپيا روڪ، 50 مڻ گوار  ۽  ٻڪريون رهيل هيون، اسان جو پاڻ ۾ تڪرار ٿيڻ تي ڳوٺ جي بااثر ۽ بئنڪ مينيجر پئسا، اناج ۽ ٻڪريون ڏيڻ جو چيو،گهرڻ تان ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي.هنن ايس ايس پي ٿرپارڪر ۽ وس وارن کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي.

ٽوڙي ڦاٽڪ جي شهيدن جي ورسي سڀاڻي ملهائي ويندي

ٺٽو(ڊ ر) جيئي سنڌ تحريڪ طرفان 17 آڪٽوبر 1984 تي ٽوڙي ڦاٽڪ وٽ شهيد ٿيل سنڌ جي امر شهيدن امانﷲ وسطڙو، شهيد مالڪ خشڪ، شهيد ذڪريا ميمڻ، شهيد انور عباسي ۽ شهيد مٺو بليدي جي 36 هين ورسي پريس ڪلب ٺٽو ۾ 17 آڪٽوبر تي نهايت عقيدت ۽ احترام سان ملهائي ويندي جيئي سنڌ تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري سورھ سنڌي پريس ڪلب ٺٽو ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته 17 آڪٽوبر تي ٽوڙي ڦاٽڪ جي شهيدن جي 36 هين ورسي جي موقعي تي پارٽي جي مرڪزي قيادت چيئرمين شبير احمد جمالي حاجي انور ڪرناڻي سورھ سنڌي جي اڳواڻي ۾ شهيدن جي مزارن تي حاضريون ڀري گلن جون چادرون چاڙهي ڀيٽا پيش ڪندا شام 6 وڳي پريس ڪلب ٺٽو ۾ شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ ورسي تقريب ٿيندي جنهن جي صدارت جيئي سنڌ تحريڪ جو چيئرمين شبير احمد جمالي ڪندو ورسي تقريب کي جيئي سنڌ تحريڪ جا مرڪزي اڳواڻ ٽوڙي ڦاٽڪ ڪيس جا اسير توڙي سياسي سماجي اڳواڻ خطاب ڪندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.