شڪي ٽرانزيڪشن ريفرنس: آصف علي زرداري جي عبوري ضمانت ۾ واڌ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي صدر ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري جي خلاف 8 ارب رپين کان وڌيڪ شڪي ٽرانزيڪشن ريفرنس ۾ عبوري ضمانت ۾ 5 نومبر تائين واڌ ڪري ڇڏي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس محسن اختر ڪياني ٽرانزڪيشن ڪيس ۾ آصف زرداري جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

آصف علي زرداري طرفان فاروق ايڇ نائيڪ ۽ جاويد اقبال ايڊووڪيٽ جڏهن ته نيب جي پروسيڪوشن ٽيم به عدالت جي آڏو پيش ٿي.

ٻڌڻي دوران وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته اسان آصف علي زرداري جي حاضري کان ڇوٽ جي درخواست داخل ڪئي آهي.

جنهن نيب پراسيڪيوٽر سردار مظفر چيو ته ڄاڻايل ڪيس ۾ درخواستگذار جي موجودگي ضروري آهي.

ان تي جسٽس عامر فاروق پڇاڻو ڪيو ته ريفرنس داخل ٿي چڪي آهي يا اڃان انويسٽي گيشن هلي رهي آهي.

پراسيڪيوٽر نيب ٻڌايو ته ڄاڻايل ڪيس ۾ به انويسٽي گيشن هلي رهي آهي ۽ جڏهن ڪيس انڪوائري اسٽيج تي هو ته وارنٽ جاري نه ڪيا ويا.

هن عدالت کي ٻڌايو ته آصف علي زرداري جي خلاف چڱو مواد گڏ ڪيو ويو آهي.

فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته اڳوڻي صدر آصف علي زرداري پهرين ئي ضمانت تي آهي ۽ قومي احتساب بيورو (نيب) 4 ريفرنسز داخل ڪيا ويا آهن.

هن وڌيڪ ٻڌايو ته 2 ريفرنسز ۾ چيف جسٽس ضمانت منظور ڪئي آهي.

 جنهن تي جسٽس عامر فاروق پڇاڻو ڪيو ته درخواستگذار جي ڪهڙي صورتحال آهي.

فاروق ايڇ نائيڪ ٻڌايو ته آصف علي زرداري سڀاڻي تائين اسپتال ۾ علاج هيٺ هو اڄوڪي اپڊيٽ ناهي.

بعد عدالت اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي اڄوڪي حاضري مان ڇوٽ جي درخواست منظور ڪندي عبوري ضمانت ۾ 5 نومبر واڌ ڏئي ڇڏي.

ان کان سواءِ عدالت نيب پراسيڪيورٽي کي گرفتاري وارنٽن جي ڪاپي آصف علي زرداري جي وڪيل کي ڏيڻ جي به هدايت ڪري ڇڏي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.