اسلام ڪوٽ ويجهو ٻن گهرن کي باهه، الهه تلهه سڙي خاڪ

مٺي(بيوروچيف)اسلام ڪوٽ ڀرسان باھ،ڪولهي برادري جا ٻہ گهر سڙي رک، خبرموجب اسلام ڪوٽ ڀرسان ڳوٺ جهانٻا ۾  ڪولهي برادري جي گهرن کي باھ وڪوڙي ويئي،جنهن سبب نانجي ڪولهي ۽ گجو ڪولهي جا ٻن ڪکاون چونئرن تي مشتمل گهر الھ تلھ سميت سڙي رک ٿي ويا،پاڙي وارن مڙسي ڪري پنهنجي مدد تحت وڌيڪ گهرن کي سڙڻ کان بچائي ورتو، متاثرين جي گهرن ۾ پيل سمورو سامان سڙي باھ جي نظر ٿي ويو،متاثر کلي آسمان هيٺ ويٺل آهن جن واهر جي اپيل ڪئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.