ٺل ۾ مقتول نينگر جي تدفين، پوليس جا ڇاپا

ٺل (ن ع آ) ٺل جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد بئراج پل وٽ بجلي جي تار لڳائڻ تان نوناري ۽ گهنڃا برادري ۾ ٿيل جهيڙي دوران  فائرنگ ۾ مارجي ويل واٽهڙو نينگر سعيد احمد ولد عبدالمجيد ڀٽي جي جنازي نماز ڪالهه طاهر خان کوسو جي پلاٽنگ تي ادا ڪئي وئي، جنهن بعد نينگر کي سوين آلين اکين سان ابائي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو،نينگر جو لاش کڄڻ وقت سندس گهر ۾ قهرام مچي ويو سندس امڙ لاش کي چنبڙي بيهوش ٿي وئي جنهن کي بعد ۾ هوش ۾ آندو ويو،نينگر جو والد عبدالمجيد ڀٽي ڳوڙها ڳاڙهيندا رهيو،مقتول نينگر سعيد احمد ڀٽي پيءُ جو اڪيلو پٽ هو. ،ٻئي طرف اي سيڪشن پوليس پاران گهنڃا برادري جي جوابدارن جي گرفتاري جي لاءِ ڳوٺ شير خان گهنڃو ۾ جوابدارن جي گهرن تي ٻيهر چڙهائي ڪئي پر جوابدار هٿ نه اچي سگهيا،پوليس پاران جوابدارن جي ٺل ۽ ڳوٺ شير خان گهنڃو جي گهر جي ٻاهريان پوليس بيهاري عارضي پوليس پڪٽ قائم ڪري ڇڏي آهي،هوڏانهن گهنڃا ۽ نوناري برادري ۾ ٿيل جهيڙي جي دوران فائرنگ ۾ زخمي ٿيل ڊاڪٽر احمد نوناري لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال ۾ داخل آهي،جتي سندس حالت بدستور ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي،ڊاڪٽر احمد نوناري جي جسم مان گوليون ڪڍيون ويون آهن پر هن جي حالت اڃان تائين سڌري نه سگهي آهي،ان سلسلي ۾ ڊاڪٽر احمد نوناري جي وارثن ٻڌايو ته نوجوان چانڊڪا جي اسپتال ۾ داخل آهي،جتي کيس آءِ سي يو ۾ داخل ڪيو ويو آهي،ڀٽي برادري جي نينگر سعيد احمد ڀٽي جي قتل مامري تي ٺل جي سڄاڻ ڌرين پاران ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ويو آهي ته ٺل شهر ۾ وڌندڙ قتل غارت جي واقعن جي حوالي سان ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي،نينگر سعيد احمد ڀٽي جي ڪيس ۾ گهربل جوابدارن کي گرفتار ڪري سزا ڏني وڃي،ٻئي صورت ۾ اسان سخت احتجاج ڪنداسون،پوليس موجب جوابدارن جي گرفتاري جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون،تمام جلد جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.