ماٿيلي ۾ پ پ گهوٽڪي جو اجلاس، ڪراچي جلسي بابت ڳالهه ٻولهه

ميرپورماٿيلو  (ن ع آ) ميرپور ماٿيلو پاڪستان پيپلزپارٽي ضلعي گهوٽڪي جي ايگزيڪيٽو باڊي جي ميٽنگ تعلقہ آفيس ميرپور ماٿيلو ۾ ٿي گذري جنهن جي صدارت سينئر نائب صدر محمد يوسف ڀٽو ڪئي تفصيل موجب ميرپورماٿيلو ايگزيڪيٽو باڊي جي ميٽنگ تعلقہ آفيس ميرپور ماٿيلو ۾ ٿي گذري جنهن جي صدارت سينئر نائب صدر محمد يوسف ڀٽو ڪئي ميٽنگ ۾ سياست جي حوالي سان ۽ 18 آڪٽوبر جي سانحي جي حوالي سان ڳالھيون ٿيون ميٽنگ ۾ سٽي صدر عبدالمجيد لاکو ضلع جنرل سيڪريٽري رفيق احمد منگي انفارميشن سيڪريٽري جي صدارت هيٺ ٿي جنھن ۾ 18 آڪٽوبر سانحي جي حوالي سان رٿيل جناح باغ ڪراچي ۾ جلسہ عام لا۽ صلاح مشورا ڪيا ويا ميٽنگ ۾ تعلقن جي صدر جنرل سيڪريٽريز اطلاعات سيڪريٽريز هاري ڪاميٽي جي ضلع صدر منظور جلباڻي سپاف جي ضلع صدر صدام حسين ملڪ سپاف يوٿ  مدر ونگ هاري ڪاميٽي جي عهديدارن پڻ شرڪت ڪئي…

شادي پلي ۾ واپارين پاران ” ڪارڪردگي ۽ مستقبل “جي عنوان هيٺ پروگرام

 

شادي پلي ( ن ع آ  ) شادي پلي ۾ واپاري ويلفيئر ايسوسي ايشن طرفان واپاري ويلفيئير ايسوسي ايشن ڪاميٽي  قائم ڪرڻ جو مقصد ، ڪارڪردگي ۽ مستقبل ـ جي سري هيٺ هڪ شاندار پروگرام ٿي گذريو ـ پروگرام جي صدارت جھانگير بلوچ ڪـئي ـ جنهن ۾ واپارين دوڪاندارن صحافين ۽ شھرين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪري ڪاميٽي  تي اعتماد جو اظھار ڪندي اڳتي به ڀرپور سهڪار ڪرڻ جو يقين ڏياريو ـ  جڏھن تـ پروگرام ۾ آيل معزز شھرين توڙي صحافين کي واپارين ايسوسي ايشن جي ميمبرن پاران اجرڪ جا تحفا پڻ پيش ڪيا .

وفاقي سرڪار عوام لاءِ آزار پيدا ڪري ڇڏيا آهن: برهان الدين ڪنڀار

 

سامارو( ن ع آ ) پاڪستان پيپلزپارٽي جو 18آڪٽوبر وارو جلسو ثابت ڪندو ته پيپلزپارٽي اڄ به ملڪ جي وڏي ۾ وڏي پارٽي آھي پ پ چيرمين بلاول ڀٽو زرداري ان شهيد بينظير ڀٽو جو فرزند آھي جنهن ساھ ڏئي ويساھ ڏنو پنهنجي جان پرواھ نه ڪندي ضيا, مشرف جي آمريتن جو مقابلو ڪيو ۽ڪڏھن به ڪارڪنن ۽عوام  کي ڪنهن  واڳو حڪمران جي رحم ڪرم تي نه ڇڏيو ,بلاول ڀٽو  زرداري ۾ شهيد راڻي جي نقش قدم تي هلندي هن  نيازي سرڪار جي جابراڻي دور جي مشڪل گهڙي ۾ عوام سان گڏ بيٺل آھي. اهڙو اظھار پاڪستان پيپلزپارٽي ضلع عمرڪوٽ جي اطلاعات سيڪريٽري برهان الدين ڪنڀار سامارو ۾  ڏاتربخش سينهڙو جي رهائشگاھ ري پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو ,هن چيو ته پاڪستان هن وقت تمام مشڪل حالات مان گزري رهيو آھي .

,موجوده حڪمرانن جي غلط پاليسين سبب مهنگائي عوام جي چيلھ چٻي ڪري ڇڏي آھي

 

گھوڙاٻاري  (رپورٽ : سيد امير شاھ ڀاڏائي ) پريس ڪلب ورشھر جي حلف برداري جي تقريب پريس ڪلب ور شهر ۾ منقعد ڪئي وئي جنهن جي صدارت نامياري صحافي ايم اي خان ڪئي جڏهن ته مھمان خاص اسسٽنٽ  ڪمشنر  گھوڙاٻاري  عبدالغفار  شيخ  ھو پروگرا۾  سينئر صحافي  شھزاد ميمڻ ٺٽي جي صحافي واحد شورو مقامي ورشھر  ضلعي ٺٽي جي سماجي ادبي ء سول سوسائٽي  جي ماڻهن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي  تقريب جي شروعات تلاوت ڪلام پاڪ سان حافظ ميرمحمد  جاڙو ڪئي. ان موقعي چونڊيل سٽي  پريس ڪلب ورشھر  ضلعي ٺٽي جي نئين باڊي جي چونڊ ٿي جنهن موجب  سينئير صحافي ميرممتازجاڙو  صدر جنرل سيڪريٽري  امير شاهه ڀاڏائي  سينئرنائب صدر شاهه خالد شاهه ڏاتاري نائب صدر امتيازخشڪ خزانچي غلام مرتضا  جاڙو  جوائنٽ  سيڪريٽري  محمد علي شيخ آفيس سيڪريٽري  اي جي خشڪ ۽انفارميشن سيڪريٽري   سعيدو خان چانڊيو چونڊيا ويا

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.