ايس ايڇ او جهول بدامني تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ پيٽرولنگ ۾ واڌ ڪري ڇڏي

جهول (ن ع آ)جهول ٿاڻي جي حد ۾ امن امان ڪرڻ جي لاء ايس ايڇ او جهول ظفرالله بلو پيٽرولنگ ۾ تيزي آڻي ڇڏي امن امان ڪرائڻ جي لاءِ شگرمل روڊ ميرپورخاص روڊ جهول وايا سنجهورو روڊ تي پوليس پڪيٽون قائم گاڏين جي چيڪنگ علائقي جا ڀوتار ايس ايڇ او کان خوف زده هئڻ ڪري پنهنجي واٺن هٿان سوشل ميڊيا تي جهول پوليس خلاف ڪوڙيون خبرون هلائڻ لڳا.ان موقعي تي ايس ايڇ او جهول صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته مان عوام جو خادم آھيان مونکي ڪنهن به ڀوتار جي پرواه ناهي آئون ڪنهن جي دٻاء ۾ نه ايندس ۽ عوام جي خدمت جاري رکندس.

ميهڙ لڳ ناليوارو عالم دين مفتي حافظ محمد عيسيٰ چنو لاڏاڻو ڪري ويو

 

ميهڙ ( ت ر ) ميھڙ دادو ضلعي جي مشھور عالم دين مولانا مولوي مفتي حافظ محمد عيسيٰ چنو ڪجهه وقت بيمار رهڻ بعد لاڏاڻو ڪري ويو ، جنھن جي جنازه نماز سندس اباڻي ڳوٺ ابراهيم چنه تعلقي خيرپور ناٿن شاهه ۾ ادا  ڪئي وئي مفتي محمد عيسيٰ چنا سون جي تعداد ۾ شاگردن پيدا ڪئا.

 

سکر ۾ سنڌي ادبي سنگت جو ميڙاڪو، ٻيٽن تي قبضي جي مذمت\

 

سکر( رپورٽر) وفاق طرفان سنڌ جي سامونڊي ٻيٽن تي قبضي ۾ پ پ سنڌ سرڪار برابر جي  شريڪ آھي، اھي ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت آھن، انھن ٻيٽن لاءِ سنڌ سرڪار سنڌ آءِ لينڊ اٿارٽي جوڙي ۽ انھن جي سنڀال ڪري، اھا گھر سنڌي ادبي سنگت شاخ سکر جي ھفتيوار دستوري گڏجاڻيءَ ۾ ٺھراءُ پاس ڪري ڪئي وئي، جنھن ۾ ان کان سواءِ سکر پريس ڪلب، ھاءِ ڪورٽ ۽ ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشنز سميت سمورن ساڃاهه وندن کي اپيل ڪئي وئي ته اھي سنڌ جي  اديبن سان ساٿ ڏئي پنھنجو قومي فرض نڀائين،گڏجاڻي جي صدارت ضياءُ ڀٽي ڪئي، سردار پيرزادي پنھنجو نڪور غزل  تنقيد لاءِ پڙھيو، جنھن تي سچل ڀٽي، شفاعت گھانگھري، نبن ساکاڻي، خالد سومري، سعيد مغل، فرھاج قريشي، نذير وڌو، مجيد نواز مغل ۽ اياز بلوچ تنقيدي رايا ڏنا.

 

 

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.