جيڪب آباد لڳ هاري نانگ جي ڪکڻ سبب فوت

لاڙڪاڻو(ڊ ر) جيڪب آباد جي ڀرسان ڳوٺ بدلو ماڇي جو رهواسي ٻن ٻارن جو پيءُ محمد نواز پٽ قادر ماڇي زرعي زمين ۾ ڪم  ڪري رهيو جتي نانگ کيس ڪکي زخمي ڪري ڇڏيو جنهن کي وارثن زخمي حالت ۾ چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ داخل ڪرايو جتي علاج دوران هو فوت ٿي ويو. ان موقعي تي نانگ جي ڪکڻ سبب زخمي ٿيل همراهه جي مامي خير محمد ماڇي ٻڌايو ته ڀاڻيجو پنهنجي زرعي زمين ۾ ڪم ڪري رهيو جتي اوچتي نانگ کيس ڪکي زخمي ڪري ڇڏيو جنهن کي اسپتال داخل ڪرايو جتي هو علاج دوران فوت ٿيو. هوڏانهن ضروري ڪاروائي بعد فوتي جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو جيڪي لاش کڻائي جيڪب آباد روانا ٿي ويا جتي لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.