ڪڙيو گهنور ۾ مندر جي بيحرمتي، هڪ شڪي گرفتار

ڪراچي ( م ڊ )  ڪڙيو گهنور ويجهو مندر ۾ ڀڃ ڊاهه جي الزام هيٺ هڪ شڪي کي حراست ۾ ورتو ويو آهي. بي بي سي جي رپورٽ موجب  ڪڙيو گهنور جي راما پير مندر ۾ ڀڃ ڊاهه ڪئي وئي، جيڪو ڪولهي، ميگهواڙ، گورايا ۽ ڪاريا ڪميونٽي جو گڏيل مندر آهي. هڪ پرائمري اسڪول جي استاد منو لنجار بي بي سي کي ٻڌايو ته مندر چندي مان ٺاهيو ويو آهي، جيڪو ڏيڍ سال اندر مڪمل ٿيو. هن چيو ته مندر جي مهاراج کيس فون ڪري مندر جي بيحرمتي جو اطلاع ڏنو، جنهن بعد هن دوستن سان گڏ وڃي تصديق ڪئي. هن ٻڌايو ته ڳوٺاڻن جي مدد سان هڪ جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي. بي بي سي موجب واقعي جي ايف آءِ آر فريادي اشوڪ ڪمار جي فرياد تي داخل ڪئي وئي، جنهن موقف اختيار ڪيو آهي ته هن سميت 3 ماڻهو مندر جا نگران آهن. بي بي سي موجب اشوڪ ڪمار ايف آءِ آڙ ۾ اسماعيل شيدي مندر جي بيحرمتي ڪئي، هو مذهبي مورتي کي هيٺ اڇلائي مٿس سرين سان وار ڪندو رهيو، هنن دانهون ڪيو ته فرار ٿي ويو. ڪڙيو گهنور پوليس تعزيرات پاڪستان جي قلم 295 تحت ڪيس داخل ڪري اسماعيل شيدي کي گرفتار ڪيو ويو آهي. ايس ايڇ او اصغر سٺيو جو چوڻ آهي ته جوابدار پنهنجو بيان مسلسل تبديل ڪري رهيو آهي، کيس عدالت ۾ پيش ڪري رمانڊ ورتو ويندو ۽ بعد ۾ جاچ ڪئي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.