ڪراچي: اين اي ڊي يونيورسٽي چانورن جي ڪوالٽي جانچڻ وارو سافٽ ويئر تيار ڪري ورتو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي اين اي ڊي يونيورسٽي جي شاگردن پاڪستان جو پهريون آرٽيفشل انٽيليجنس (منصوعي ذهانت) تي ٻڌل سافٽ ويئر تيار ڪيو آهي جيڪو چانورن جي ڪوالٽي جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري ٿو.

يونيورسٽي جي نيشنل سينٽر فار آرٽيفيشل انٽيليجنس (اين سي اي آءِ) جي تيار ڪيل ان سافٽ ويئر جو نالو ”رائس ڪوالٽي اينالائزر“ رکيو ويو آهي جيڪو  لرننگ جي ذريعي چانورن جون 7 خاصيتون ٻڌائين ٿو جنهن ۾ چانور جي ويڪر، ڊيگهه، وزن ۽ 60 سيڪنڊن کان گهٽ وقت ۾ چانورن جي ٽٽڻ تناسب ٻڌائي سگهي ٿو.

رائس ڪوالٽي اينالائزر 99 سيڪڙو تائين درست نتيجا فراهم ڪري ٿو جڏهن ته هي جديد ترين جاپاني ۽ آمريڪي سافٽ ويئرز جيان آهي پر جاپاني ويزن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ موثر آهي.

هي سافٽ ويئر پاڪستان جي ماحولياتي حالتن کي نظر ۾ رکندي تيار ڪيو ويو آهي ۽ هي چانورن جي صنعت جي ضرورتن موجب آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.