”ٺل گهر ٿو مٺو پاڻي“ شهري روڊن تي نڪري آيا، ڌرڻو

ٺل (ن ع آ) ٺل ۾ پيئڻ جي مٺي پاڻي جي اسڪيم جو ڪم رولڙي جو شڪار ٿي ويو آهي،2012ع ۾ منظور ٿيل 58 ڪروڙ 57 لک روپين جي لڳت سان واٽر سپلاءِ اسڪيم ۾ ڪرپشن ٿيڻ ۽ ڪم  مڪمل نه ٿيڻ جي ڪري ٺل جا شهري پيئڻ جي پاڻي کان محروم بڻيل آهن،ٺل شهر جا رهواسي پئسن عيوض مٺو پاڻي خريد ڪري رهيا آهن،گذريل پنجن مهينن کان شهرين پاران احتجاج جو سلسلو جاري آهي پر افسوس جو چونڊيل نمائندن کي جونءَ به چڪ ناهي پاتو،ٺل جي شهرين پاران“ٺل گهري ٿو مٺو پاڻي”احتجاجي تحريڪ تيز ڪئي وئي آهي،ڪالهه جدوجهد ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي مٺي پاڻي جي اسڪيم جي بحالي جي لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو،مظاهرين جي هٿن ۾ بينر،پلي ڪارڊ هئا جنهن تي پاڻي جي لاءِ مختلف نعرا لکيل هئا،ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳواڻن عبدالغفور ٻرڙو،سرواڻ لاشاري،جمال جوش ٻرڙو،اصغر لاشاري،ظفر لاشاري،محمد بخش بروهي،امام الدين سرڪي،علي حسن ڀٽي ۽ ٻين چيو ته 2012ع ۾ منظور ٿيل پيئڻ جي پاڻي جي اسڪيم اٺ سال گذري وڃڻ جي باوجود مڪمل نه ٿي سگهي آهي،58 ڪروڙ 57 لک روپين جي لاڳت سان منظور ٿيل اسڪيم ۾ وڏي پئماني تي ڪرپشن ڪئي وئي آهي، ٺيڪيدارن پاران پئسا جاري ڪرائيندي هڙپ ڪيا ويا آهن پر افسوس جو هن مهل تائين اسڪيم جو ڪم مڪمل نه ٿي سگهيو آهي، اڳواڻن چيو ته مٺي پاڻي لاءِ احتجاجن سان گڏ اسان نيب،اينٽي ڪرپشن،ايف آءِ اي، سنڌ ھاءِ ڪورٽ سپريم ڪورٽ جو در کڙڪائي اسيمبلي آڏو ڌرڻا هڻنداسين، اسان شھرين سان عهد ڪري نڪتا آھيون ته جيستائين شھر واسين کي مٺو پاڻي نه ملندو،ايستائين اسان جي جدوجهد جاري رهندي.اسان پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري،وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاهه سميت پ پ جي اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيون ٿا ته ٺل واسين کي مٺي پاڻي جي اسڪيم مڪمل ڪرائي ڏنو وڃي ۽ اسڪيم ۾ ٿيل ڪرپشن جي جاچ ڪري ذميوارن کي قانون جي گرفت ۾ آندو وڃي,ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.