حيدرآباد ۾امڪاني اسڪول بند ڪرڻ خلاف احتجاج

حيدرآباد (رپورٽر) حيدرآباد جي تعلقي لطيف آباد جي خانگي اسڪولن جي مالڪن سنڌ حڪومت پاران ڪورونا جو خطرو ڄاڻائي ٻيهر اسڪول بند ڪرڻ واري امڪاني اعلان خلاف سعيد محبت علي قريشي، زبير احمد زئي ۽ محمد اويس جي اڳواڻي ۾ ڪالهه حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاج ڪيو ويو. اڳواڻن چيو ته ملڪ ۾ ڪورونا جو خطرو گهڻي حد تائين گهٽجي ويو آهي، ڪاروبار سميت سموريون سرگرميون شروع ٿي ويون آهن، پر سنڌ حڪومت خانگي اسڪولن جي مالڪن جي صلاح کانسواءِ ٻيهر اسڪول بند ڪرڻ جو سوچي رهي آهي، جنهن سان خانگي اسڪولن جي شعبي کي تمام گهڻو مالي نقصان پهچندو ۽ ٻارڙن جي تعليم پڻ متاثر ٿيندي. هنن سنڌ جي وڏي وزير ۽ سنڌ جي تعليم واري وزير کان مطالبو ڪيو ته سنڌ جا سمورا تعليمي ادارا ايس او پيز تحت کولڻ جي اجازت ڏني وڃي ته جيئن ٻارڙن جي تعليم جاري رهي سگهي ۽ خانگي تعليمي ادارن جي مالڪن جو ڪاروبار به جاري رهي ۽ هو وڌيڪ نقصان کان بچي سگهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.