نواز شريف جي تقرير کان پوءِ حڪومت حواس وڃائي ويٺي آهي: ن ليگ

لاهور(ويب ڊيسڪ) مخالف ڌر جي سڀ کان وڏي پارٽي مسلم ليگ ن جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته نواز شريف جي هڪ تقرير کان پوءِ حڪومت حواس وڃائي ويٺي آهي.

وفاقي وزيرن جي پريس ڪانفرنس تي رد عمل ڏيندي ن ليگي ترجمان چيو ته نواز شريف جي هڪ تقرير، رڳو هڪ تقرير سان وزير ۽ صلاحڪار روئن پيا.

هن چيو ته نواز شريف جي تقرير کي سمهجڻ سليڪٽڊ حڪومت جي وس جي ڳالهه ناهي، حڪومت ان تقرير کان پوءِ حواس وڃائي ويٺي آهي.

مريم اورنگزيب وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي عوامي جمهوري بقا جي فيصلو جوڳي جنگ شروع ٿي وئي آهي، فيصلي جوڳو مرحلو آهي پاڪستان تي عوام جو راڄ هوندو، ڪنهن کي سليڪٽڊ ٽولي جو نه.

هن چيو ته حڪومت جي 4 وزيرن جي ٻن ڪلاڪن واري پريس ڪانفرنس م عوام کي هڪ ڳالهه سمجهه ۾ ناهي آئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.