هانيا عامر نئون ”پارٽنر“ ڳولي ورتو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) من موهڻي اداڪارا هانيا عامر پنهنجي پالتو ڪتي کي نئون پارٽنر قرار ڏئي ڇڏيو.

سوشل ميڊيا سائيٽ انسٽاگرام تي هانيا عامر بالي ووڊ جو هڪ گيت ڳائيندي ويڊيو شيئر ڪئي ۽ ان جي ڪيپشن ۾ اداڪارا موسيقي جي هڪ صنف ”ڪروڪي“ بابت مداحن کي آگاهه ڪيو.

ڪروڪي موسيقي جي اها صنف آهي، جنهن ۾ اڳ کان رڪارڊ ٿيل گيت کي بيڪ گرائونڊ ۾ لڳائي گڏ ڳائجي.

هانيا عامر به پنهنجي ويڊيو ۾ اهو ڪندي نظر اچي رهي آهي، کيس ويڊيو ۾ پنهنجي پالتو ڪتي سان گڏ ڀارتي گلوڪار پراتيڪ ڪهد جو گيت ”کو گئي هم ڪهان“ ڳائيندي ڏسي سگهجي ٿو.

ويڊيو جي ڪيپشن ۾ اداڪارا لکيو ته ”ڪاروڪي منهنجي نئين ڪاروڪي پارٽنر سان گڏ“.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.