هالاڻي لڳ مڇرن جو آزار، شهري پريشان

هالاڻي (ن ع آ )  هالاڻي  ٽائون ۽ يوسي نئوآباد جي ڳوٺن فتح محمد خاصخيلي , ڳوٺ علي شير چانگ ۽ ڀرپاسي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ برساتن بعد مڇرن ، مکين ۽ زهريلي جيتن جو آزار خطرناڪ حد تائين وڌي ويو آھي  جنھن سبب مختلف بيمارين منھن ڪڍيو آھي ۽ سوين جي تعداد ۾ رهواسي مليريا، ڊائريا ۽ ٻين بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا آھن جڏھن ته ٽائون ڪميٽي هالاڻي ۽ يوسي نئوآباد توڙي ضلعي انتظاميا پاران مڇرمار اسپري سميت ڪنھن به قسم جو ڪوبه اپاءُ نه ورتو ويو آھي جنھن ڪري شهر توڙي ٻهراڙي جا رهواسي مڇرن مکين ۽ ٻين جيتن جي آزار کان تنگ ٿي ويا آھن انھيءَ سلسلي ۾  رهواسين لياقت خاصخيلي, ذوالفقار خاصخيلي, امجدالله چانگ, منظور چنو ۽ رسول بخش ميڊيا اڳيان  دانهندي چيو  ته برساتن کانپوءِ مڇرن ، مکين ۽ زهريلي جيتن جو آزار  وڌي ويو آهي ۽ انتظاميا پاران برسات بعد مڇر مار اسپري نه ڪرايو ويو آهي.  جنھن ڪري سوين ماڻهو مليريا، ڊائريا ۽ ٻين  بيمارين ۾ مبتلا ٿي رھيا آھن انهن مطالبو ڪندي چيو   آهي ته هالاڻي ٽائون, يوسي نئوآباد جي ڳوٺن فتح محمد خاصخيلي ڳوٺ علي شير چانگ ۽ آسپاس جي ڳوٺن ۾ مڇر مار مھم شروع ڪري، ماڻهن جي مڇرن ۽ زهريلي جيتن جي آزار مان جان ڇڏائي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.