دوائن جي چوري جو ڪيس: ڊي ايڇ او لاڙڪاڻو معطل

لاڙڪاڻو(م ڊ)چيف سيڪريٽري سنڌ لاڙڪاڻي جي ڊي ايڇ او اطهر شاهه مٿان اينٽي ڪرپشن پاران دوائن جي چوري جو ڪيس داخل ڪرڻ بعد کيس هٽائي ڇڏيو. چيف سيڪريٽري سنڌ سيد ممتاز شاهه پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب لاڙڪاڻي ۾ 19 گريڊ جي سيد اطھر اي ڊي ايڇ کان ڊي ايڇ او لاڙڪاڻي جون واڳون سنڀاليندڙ کي هٽائي ڇڏيو. ڊي ايڇ او اطھر شاھ کي ھٽائي چيف سيڪريٽري لاڙڪاڻي ۾ اعجاز شيخ کي نئون ڊي ايڇ مقرر ڪري ڇڏيو. اڳوڻو ڊي ايڇ او سيد اطھر مٿان لکين روپين جون سرڪاري دوائون چوري ڪرڻ جو اينٽي ڪرپشن ۾ ڪيس به ھلندڙ آهي. دوائن جي چوري واري مسئلي بعد وقتي طور اطھر شاھ کي ھٽائي ٻيھر ڊي ايڇ او مقرر ڪيو ويو ھو. اينٽي ڪرپشن ۾ چيف سيڪريٽري جي ھدايتن بعد ڪيس داخل ٿيڻ تي کيس ٻيهر عھدي تان ھٽايو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.