ڪراچي ڪميٽي ۽ ٻوڏ متاثرن جي واهر نه ٿيڻ خلاف گهوٽڪي ۾ احتجاج

گهوٽڪي ( ڊ ر ) سنڌ جي ورھاڱي جي سازش، ڪراچي ڪميٽي، ڌارين جي آبادڪاري، زمينن تي قبضن،  پاڻي تي ڌاڙن، ٻوڏ متاثرن جي واهر نه ٿيڻ خلاف عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، ايڊووڪيٽ راحب ملاڻو، امتياز ساوند، حيدر شاهه، ذالفقار شيخ، پير بخش شيخ، واجد مهر، ڪامريڊ اختيار علي سنگهڙ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب گهوٽڪي اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن مطالبن وارا بينر کڻي سنڌ دشمن سازشن خلاف سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار احتجاجي مظاهري کي خطاب ڪندي چيو ته ايم ڪيو ايم جا دهشتگردي ۽ ان جا ساٿاري پي ٽي آئي جا حڪمران روزاني سنڌ کي ورهائڻ جا ملڪ دشمن ۽ سنڌ دشمن بيان جاري ڪن ٿا. سنڌ جي وجود تي وار سنڌي عوام ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.