ٿورو پاڻي اچڻ تي ٻوڏ جون دانهون درياهه ۽ ڊيلٽا لاءِ نقصانڪار ثابت ٿين پيون: پاڻي ماهر

حيدرآباد(رپورٽر) نامياري پاڻي ماهر ڊاڪٽر حسن عباس چيو آهي ته پاڻيءَ جي فطري نظام سان هٿ سان خراب ڪري ڊيلٽا ۽ سنڌو درياهه کي تباهه ڪيو ويو، پاڻي کي روڪڻ ۽ وري ڪڏهن ڪڏهن پاڻي ڇڏڻ واري  تجربي نه صرف هتان جي زمين کي نقصان ڏنو آهي پر فطرت جي سموري عمل ۾ رڪاوٽ وڌي آهي، درياهه ۾ ٿورو پاڻي اچڻ کانپوءِ ٻوڏ جون دانهون ڪرڻ درياهه ۽ ڊيلٽا جي لاءِ نقصانڪار ثابت ٿينديون رهيون آهن، درياهه جي زندگي پاڻي سان جڙيل آهي ۽ درياهه انسان جي جياپي جو واحد ذريعو آهي، پاڻي کي ڊيمن ۽ بين منصوبن ذريعي روڪڻ واري سوچ ماحوليات سميت انسان جي جياپي واري فطري عمل کي نقصان پهچايو آهي. عوامي آواز سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر حسن عباس چيو ته سسٽم ۾ پاڻي جي اچڻ ۽ وڃڻ واري نظام خراب ڪيو ويو آهي، سمنڊ ۾ پاڻي وڃڻ واري عمل کي هتي پاڻيءَ جو زيان قرار ڏنو وڃي ٿو، اها خبر هوندي به درياهه ۽ سمنڊ جو پاڻي جي ذريعي ميلاپ ٿيڻ ڌرتي جي وجود جو ضامن آهي، تاريخ ۾ ٻڌايو وڃي ٿو ته سمنڊ ملتان تائين پکڙيل هو، پر درياهه ان سمنڊ کي پنهنجي مٽيءَ جي ذريعي لٽي ڌرتي کي جنم ڏنو آهي. هن چيو ته انگريزن واري سوچ کي اڃا تائين هتي هلايو پيو وڃي، انگريزن بئراجن جي ذريعي پاڻي کي روڪيو ۽ انهن کانپوءِ هتي ڊيمن جي ذريعي پاڻي کي روڪڻ جون ڪوششون جاري آهن، انگريزن واري سوچ کي اڳتي وڌايو پيو وڃي. هن چيو ته ڊيلٽا رڳو پاڻي ڇڏڻ سان بچي نه سگهندو پر ڊيلٽا کي پاڻي سان گڏ سلٽ ۽ چيڪي مٽي به گهرجي، 1830ع واري دور ۾ ڊيلٽا تائين گهڻي مقدار ۾ سلٽ ايندي هئي، پر ان کانپوءِ اها سلٽ اچڻ وارو مرحلو گهٽجندو ويو ۽ سلٽ رڪجي وڃڻ جو سڀ کان وڏو سبب پاڻي کي روڪڻ آهي، پاڻي کي روڪڻ جي ڪري اها سلٽ ڊيمن، بئراجن، واهن ۽ شاخن ۾ هلي وڃي ٿي ۽ ڊيلٽا تائين نٿي پهچي، ڪجهه ڏينهن جي لاءِ ڊيلٽا تائين ٿورو پاڻي ڇڏڻ کانپوءِ چيو وڃي ٿو ته ڊيلٽا ۾ ته اسان پاڻي ڇڏيو آهي، پر ڊيلٽا ۽ زمين کي بچائڻ جي لاءِ 180 ملين ايڪڙ پاڻي ڊيلٽا تائين وڃڻ گهرجي، جڏهن ته 250 ملين ٽن سلٽ ان پاڻي سان گڏ ڊيلٽا تائين پهچي ٿي ته ڊيلٽا وري جيئري ٿي پوندي، فطري عمل سان هٿ چراند ڪرڻ کان پاسو ڪيو وڃي ته ڊيلٽا تمر جا ٻيلا ٿي سگهن ٿا، ڇو ته تمر جا ٻيلا سلٽ سان گڏ چيڪي مٽي اچڻ سان ئي ٿي سگهن ٿا، جيڪو درياهه جي رواني سان هلندڙ وهڪرن سان ئي ممڪن آهي. هن چيو ته فطري عمل ۾ رڪاوٽون وجهڻ سان سمنڊ اڳتي وڌندو رهيو آهي، ان جي ڪري سنڌ ۾ جر خراب ٿي ويو آهي، اهو ساڳيو حال پنجاب جو به آهي، سمنڊ کي اڳتي اچڻ کان روڪڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته انتظامي طور تي نظام خراب هجڻ جي ڪري ايندڙ تباهي ۾ درياهه ۽ ان جي پاڻي جو ڪو به ڏوهه ناهي، فطري وهڪرن کي بند ڪرڻ سان مسئلا پيدا ٿيا آهن، درياهه پنهنجو رستو پاڻ ٺاهيندو آهي، جيڪو هڪ فطري عمل آهي، درياهه جي زمين تي قبضا ڪري گهر ٺاهڻ ۽ آباديون ڪرڻ کانپوءِ چيو وڃي ته ٻوڏ اچي وئي ته اهو غير مناسب رويو آهي. هن چيو ته درياهه کي سنڌ طاس معاهدي کان وٺي اڄ تائين جي سمورن پراجيڪٽن ۽ هلندڙ نظام تباهه ڪيو آهي. هن چيو ته ڪنهن زماني ۾ هر سال ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم کان هيٺ ڊيلٽا ۾ 200 ميلن ايڪڙ فوٽ پاڻي ايندو هو، هاڻ ان کي ضايع ٿي ويندڙ پاڻي چيو وڃي ٿو، پوءِ چيو ويو ته ٽي ملين ۽ پوءِ پنج ملين فوٽ پاڻي ڇڏيو وڃي، پاڻي روڪڻ جا هي نتيجا نڪتا ته هر روز ڪيترائي ايڪڙ زمين سمنڊ کائي رهيو آهي، ايڏو سارو نقصان روزاني ٿي رهيو آهي. پاڪستان فشرفوڪ فورم جي چيئرمين سيد محمد علي شاهه چيو ته سنڌو درياهه  ۾  4 کان 5 لک ڪيوسڪ پاڻي اچڻ ڪا وڏي ڳالهه ناهي، ٻوڏ درياهه جي زندگي آهي ۽ درياهه فطري عمل ذريعي انسان جو جياپو آهي. هن چيو ته درياهه ۾ ٻوڏ اچڻ ته سٺي ڳالهه آهي، درياهه کي هٿ سان سوڙهو ڪيو ويو آهي، درياهه ته پنهنجو رستو ڏئي اچي ٿو، جيڪڏهن ان ۾ ڪا رڪاوٽ هوندي ته هو ان رڪاوٽ کي ختم ڪندو. هن چيو ته هتان جو ايريگيشن ۽ ڊرينيج جو سڄو نظام ئي خراب آهي، پاڻي وڌڻ جون دانهون ڪرڻ جو سبب ايندڙ فنڊ هڙپ ڪرڻ ۽ نوان پراجيڪٽ آڻي ڪرپشن ڪرڻ آهي، ان ڪري نظام کي بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي، ڊيلٽا مري چڪي آهي، ڊيلٽا کي جيارڻ جي لاءِ ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم کان هيٺ ڊيلٽا ۾ رڪاوٽون وجهڻ کان بغير پاڻي ڇڏڻ جي ضرورت آهي. ماحوليات جي حوالي سان ڪم ڪندڙ سماجي اڳواڻ ناصر پنهور چيو ته ڊيلٽا ۾ سال ۾ هڪ ڀيرو وڃي پاڻي پهچندو آهي ته رڙيون ڪيون وينديون آهن ته پاڻي ضايع ٿي رهيو آهي، ڊيلٽا ۾ پاڻي وڃڻ سٺو سنئوڻ آهي، ان سان ماحوليات تي سٺا اثر پوندا، هئڻ ته ائين گهرجي سڄو سال ڊيلٽا ۾ پاڻي هلندو رهي، پر بدقسمتي سان پاڻي جي چاڙهه واري سيزن ڊيلٽا تائين ٿورو پاڻي مس پهچي ٿو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.