فرحان سعيد ٻي شادي ڪرڻ چاهي ته چُپ رهنديس: عروا حسين

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) من موهڻي اداڪارا عروا حسين چيو آهي ته جيڪڏهن منهنجو مڙس فرحان سعيد ٻي شادي ڪرڻ چاهيندو ته مان چُپ رهنديس.

سوشل ميڊيا سائيٽ انسٽاگرام تي عروا حسين جي هڪ شو ۾ شرڪت جي ويڊيو گردش ڪري رهي آهي، جنهن ۾ ميزبان صنم بلوچ طرفان پڇيل سوال جو جواب ڏيندي اداڪارا  چئي ٿي ته جيڪڏهن فرحان سعيد ٻي شادي ڪندو ته مان ان کي روڪرائڻ لاءِ ڪجهه نه ڪنديس.

عروا حسين موجب فرحان سعيد طرفان ٻي شادي جي فيصلي تي مان خاموشي اختيار ڪنديس، جيڪڏهن مڙس ٻي شادي ڪرڻ چاهيندو ته مان ڪو خاص ردعمل نه ڏينديس.

واضح رهي ته اداڪارا عروا حسين ۽ اداڪار فرحان سعيد ڊسمبر 2016 ۾ شادي ڪئي هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.