گهوٽڪي: ڳوٺاڻن پاران بااثرن جي حملي خلاف احتجاج

عوامي آواز رپورٽ
گهوٽڪي: ڳوٺاڻن پاران بااثرن جي حملي خلاف احتجاج
عوامي آواز رپورٽگهوٽڪي: ڳوٺاڻن پاران بااثرن جي حملي خلاف احتجاج

گهوٽڪي ۾ ڳوٺاڻن پاران بااثرن جي حملي خلاف احتجاج ڪيو ويو.

ڳوٺاڻي محمد ابراهيم چاچڙ، امام زادي، مائي حليمان ۽ ٻين چيو ته بااثرن مجاهد چاچڙ، اعجاز، سجاد ۽ ٻين سڱاوتي تڪرار تان جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي.

هنن چيو ته بااثرن زمين تي حملو ڪري حضور بخش ۽ ٻين کي زخمي ڪيو، دانهن ڏيڻ باوجود پوليس ڪيس داخل نه پئي ڪري.

ڳوٺاڻن اپيل ڪئي ته بااثرن ۽ ونگارو عادلپور پوليس خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.