ڪورونا لاءِ هائيڊروڪسي ڪلوروڪوئن جا ڪلينيڪل ٽرائل روڪڻ جي هدايت

جنيوا (ويب ڊيسڪ) صحت جي عالمي اداري ڪورونا لاءِ هائيڊروڪسي ڪلوروڪوئن جا ڪلينيڪل ٽرائل روڪڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.

صحت جي عالمي اداري موجب مختلف ملڪن ۾ ڪورونا کان بچاءَ لاءِ دوائن تي ڪم ڪندڙ تنظيم جي سفارش تي پابندي لڳائي وئي آهي.

نئين تحقيق ۾ اهاڳالهه سامهون آئي آهي ته اها دوا ڪورونا جي مريضن ۾ موت جا امڪان وڌائي سگھي ٿي.

صحت جي عالمي اداري جي سربراهه ڊاڪٽر ٽيڊروس اڌانوم چيو آهي ته اها پابندي عارضي آهي، دوا جي سمورن رخن جو جائزو وٺنداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.