عمران اسماعيل جي بيان تي ڊاڪٽر عذرا پيچوهو جو رد عمل اچي ويو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ جي صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو جو چوڻ آهي ته پنجاب مان آيل ٽيم جهاز بابت جاچ جي لاءِ آئي آهي، ان جو ميتن جي سڃاڻپ سان ڪو به تعلق ناهي.

پنهنجي هڪ بيان ۾ صحت واري صوبائي وزير سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو آهي ته سنڌ جي گورنر کي خبر ئيناهي ته ڪراچي ۽ ڄامشوري ۾ فرانزڪ ليب موجود آهي.

هن چيو ته سنڌ جو گورنر آفتن تي سياست ڪرڻ ۽ بيان بازي کان پاسو ڪري.

صحت واري صوبائي وزير ٻڌايو ته ڪراچي يونيورسٽي جي ليب ۾جهاز حادثي جي ميتن جي ڊي اين اي ورتي وئي آهي، پنجاب مان آيل ٽيم جهاز بابت جاچ جي لاءِ آئي آهي ان ڪري ميتن جي سڃاڻپ جو پنجاب جي ٽيم سان ڪو به تعلق ناهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.