شاپنگ مالز کولڻ جو حڪم، عملدرآمد جي لاءِ سنڌ جو وفاق کي خط

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) شاپنگ مال ۽ واپاري مرڪز کولڻ بابت عدالت عظميٰ جي فيصلن تي عملدرآمد جي لاءِ سنڌ حڪومت صحت سروسز واري وفاقي وزارت کي خط لکي ڇڏيو.

سنڌ جي گهرو کاتي جي ايڊيشنل چيف سيڪريٽري وفاق کي خط لکي ڇڏيو آهي جنهن ۾ سنڌ حڪومت شاپنگ مالز کولڻ بابت وفاقي حڪومت کان تجويزون گهري ورتيون آهن. خط ۾ چيو ويو ته قومي رابطا ڪميٽي اجلاس ۾ فيصلو ٿيو هو ته شاپنگ مالز 31 مئي تائين بند رهندا. ڪنهن صوبي جي انفرادي فيصلي ۽ صحت واري وزارت کان اجازت جي باري ۾ سنڌ کي آگاهه ناهي ڪيو ويو.

خط ۾ چيو ويو آهي ته ڪراچي ۾ ڪورونا وائرس جي ڪيسن ۾ واڌ ٿي رهي آهي ان ڪري عدالت عظميٰ جي شاپنگ مالز بابت فيصلي جي روشني ۾ فوري حڪم جاري ڪيا وڃن جيئن قدمن کڻي سگهجن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.