ملڪ ۾ شعبان مهيني جو چنڊ نظر اچي ويو، شب برات 8 اپريل تي ٿيندي

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ شعبان المعظم 1441 هجري جو چنڊ نظر اچي ويو، جنهن کانپوءِ شبِ برات 8 اپريل تي ٿيندي.

شعبان مهيني جو چنڊ ڏسڻ لاءِ مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جو اجلاس ڪراچي ۾ مفتي منيب الرحمان جي صدارت ۾ ٿيو، جنهن ۾ عالمن، موسميات کاتي ۽ اسپارڪو جي نمائندن به شرڪت ڪئي.

ملڪ ۾ چنڊ ڏسڻ لاءِ زونل ڪميٽين جا اجلاس لاڳاپيل هنڌن تي ٿيا، جتي چنڊ ڏسجڻ بابت شاهديون گڏ ڪيون ويون، جن بابت مرڪزي ڪميٽي کي آگاهه ڪيو ويو.

سڄي ملڪ مان چنڊ ڏسجڻ جون شاهديون وصول ٿيڻ ۽ انهن جي تصديق کانپوءِ مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جي چيئرمين مفتي ميب الرحمان اعلان ڪيو ته ملڪ ۾ شعبان المعظم 1441 هجري جو چنڊ نظر اچي ويو آهي ۽ سڀاڻي خميس 26 مارچ تي پهرين شعبان هوندي، جڏهن ته شب برات 8 اپريل تي ٿيندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.