`جيڪب آباد ۾ ٻار ون ويلنگ ڪرڻ لڳا، حادثا معمول، پوليس تماشائي

جيڪب آباد(ڊ ر)  جيڪب آباد جي مختلف ٿاڻن آباد، صدر ۽ سول لين ٿاڻن جي حد ۾ ننڍي عمر جا نوجوان ون ويلنگ ڪرڻ لڳا آهن ون ويلنگ سبب روزانو حادثا معمول بڻجي چڪا آهن جڏهن ته ون ويلنگ جي معاملي تي پوليس خاموش تماشائي بڻيل آهي آباد پوليس ۽ فائٽر ون پوليس جمالي باءِ پاس تي ٿيندڙ ون ويلنگ تي خاموشي اختيار ڪئي آهي جڏهن ته قومي شاهراهه تي ننڍي عمر جا نوجوان شرطون لڳائي ون ويلنگ ڪرڻ لڳا آهن جڏهن ته قانون ۾ ننڍي عمر جي نوجوانن کي موٽر سائيڪل ھلائڻ جي اجازت به نه آهي ننڍي عمر جي نوجوان جي ون ويلنگ ڪرڻ سبب وڏي حادثي جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي پر پوليس ان معاملي تي اکيون بند ڪري ويٺي آهي جيڪب آباد جي سڄاڻ ڌرين ايس ايس پي بشير بروهي کان مطالبو ڪندي گھر ڪئي آهي ته سرعام ھلندڙ ون ويلنگ کي بند ڪرائي وڏي حادثي ٿيڻ کان شھرين کي بچايو وڃي ون ويلنگ ڪندڙ نوجوانن سميت خاموش تماشائي بڻيل پوليس اھلڪارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.6

لکي لڳ هٿياربند ڊاڪٽر کان  موٽرسائيڪل ڦري فرار

لکي غلام شاھ (ت ر) سکر_ شڪارپور روڊ تي تماچاڻي ٿاڻي جي حد ڊيها ڳوٺ وٽ چڪ کان سکر ويندڙ ڳوٺ مٺل خان ڪرسي جتوئي ڊسپينسري جي انچارج ڊاڪٽر رام چند کان ٽي موٽرسائيڪل سوار هٿياربند موٽرسائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي ويا،

تماچاڻي ٿاڻي جي پوليس کي اطلاع باوجود موٽرسائيڪل هٿ ٿي نه سگهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.