سنڌ کي اين ايف سي ايوارڊ نه ملي رهيو آهي: مصطفيٰ ڪمال

سکر( رپورٽر ) پاڪ سرزمين جي سربراهه مصطفيٰ ڪمال سکر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي سنڌ کي اين ايف سي ايوارڊ نه ملي رهيو آهي، عمران خان جيڪي اعلان ڪيا مان اهڙا اعلان نٿو ڪري سگهان، اسان اختيار هيٺين سطح تائين منتقل ڪرڻ جا حامي آهيون،  ووٽ وقت ايم ڪيو ايم مهاجر ڪارڊ استعمال ڪري ٿي. پ پ کي خبر آهي ايم ڪيو ايم گهٽي به سنڌ کان الڳ نٿي ڪري سگهي، تنهنڪري  پ پ ۽ ايم ڪيو ايم ڳٺ جوڙ ٿي سنڌي ۽ مهاجر وارو ڪارڊ استعمال ڪري عوام کان ووٽ حاصل ڪن ٿا. اڍائي ڪروڙ ٻار اسڪول کان ٻاهر آهن، 11 هزار گهوسٽ اسڪول صوبي ۾ موجود آهن. هن چيو ته مون کي مهاجر هجڻ تي فخر آهي، اسان سنڌي ڀائرن جا احسان مند آهيون جن وڏڙن کي رهائش ۽ سهولتون ڏنيون جيڪي ٿورا اسان جا ايندڙ نسل ڳائيندا. سنڌي اڄ جي دور جا انصار آهن جن کان ڪو به رتبو نه کسيندو. هن چيو ته اڄ سنڌ جون حالتون ٺيڪ ناهن مهانگائي، بيروزگاري، پيئڻ جي پاڻي سميت بنيادي سهولتن کان عوام وانجهيل آهي، ڇتا ڪتا روزانو سوين ماڻهن کي ڏاڙهي رهيا آهن دنيا چنڊ تي وڃي پهتي آهي پر هتي ڪتي چڪڻ کان بچاءُ واري ويڪسين اڻلڀ آهن. ٿر ۾ فوتگين وارو سلسلو ناهي رڪجي سگهيو. ان موقعي تي پي ايس پي اڳواڻ انيس قائم خاني،  اشفاق منگي، غلام مصطفي پيرزادو ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. 04

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.