سنڌ ۽ خيبرپختونخواهه ۾ پوليو جا وڌيڪ 2 ڪيس سامهون اچي ويا

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواه جي علائقي لڪي مروت ۽ سنڌ جي ضلعي سجاول ۾ پوليو جا 2 نوان ڪيس سامهون اچي ويا جنهن کانپوءِ ملڪ ۾ هلندڙ سال پوليو ڪيسن جو انگ مجموعي طور تي 4 ٿي ويو.

ايمرجنسي آپريشن سينٽر مطابق لڪي مروت ۾ 8 مهينن جي ٻار کي پوليو وائرس ٿيڻ جي تصديقي ٿي آهي، ڄاڻايل ٻار کي حفاظتي ٽڪا نه هنيا ويا هئا.

سينٽر موجب ٻارڙي جي پيشاب جا نمونا اسلام آباد ۾ موجود صحت جي قومي اداري کي موڪليا ويا هئا جتي وائرس جي موجودگي جي تصديق ڪئي وئي.

سنڌ جي ضلعي سجاول ۾ به پوليو ڪيس جي تصديق ڪئي وئي آهي جڏهن ته ان کان اڳ ٽنڊوالهيار ۾ به هڪ ڪيس جي تصديق ٿي هئي.

آپريشن سينٽر مان جاري ٿيل انگن اکرن موجب هلندڙ سال هن وقت تائين پوري ملڪ مان چار پوليو ڪيس ظاهر ٿي چڪا آهن جن مان 2 لڪي مروت ۽ 2 سنڌ جا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.