پگهار ۾ معمولي اضافو به آپگهاتن ۾ گهٽتائي آڻي سگهجي ٿو: تحقيق

اٽلانٽا (ويب ڊيسڪ) آمريڪا ۾ ڪيل تحقيق مان خبر پئي آهي ته جيڪڏهن محنتي ملازمن جي پگهارن يا معاوضي ۾ رڳو هڪ ڊالر جو به اضافو ڪيو وڃي ته ان سان آپگهات جي شرح ۾ 6 سيڪڙو تائين گهٽتائي آڻي سگهجي ٿي.

جيورجيا جي ايموري يونيورسٽي ۾ ڪيل ان تحقيق ۾ 1990ع کان وٺي 2015ع تائين آمريڪا جي 50 رياستن ۾ بي روزگاري، گهٽ ۾ گهٽ پگهار يا معاوضن ۽ ان بابت حڪومت جي پاليسي فيصلن ۾ تبديلي سان گڏ گهٽ آمدني واري طبقي ۾ آپگهات جي شرح جو جائزو ورتو ويو.

گهٽ آمدني وارن ماڻهن جي عمر 18 کان 64 سال جي وچ ۾ هئي جڏهن ته اهي گهٽ تعليم يافته به هئا.

تحقيق مان معلوم ٿيو ته جيڪڏهن آمريڪي حڪومت 2009 کان 2015ع جي معاشي بحران ۾ گهٽ مان گهٽ پگهارن يا معاوضن ۾ رڳو هڪ ڊالر اضافو ڪري ڇڏي ها ته 13هزار 8 سئو  ماڻهن کي آپگهات ڪرڻ کان روڪي سگهجي ها.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.