شهيد خالد محمود سومري جي شهادت ڏهاڙي جي يو آءِ جا احتجاجي مظاهرا

ڪراچي/حيدرآباد/سکر (نمائندا)  شھيد ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جي شھادت جي ڏھاڙي تي جميعت علماءِ اسلام جي سڏ تي سندس خون سان انصاف  لاءِ مختلف شهرن ۾احتجاجي ريليون ڪڍي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا. ان سلسلي ۾مليل ڄاڻ موجب ڪراچي ۾جي يو آءِ ڪارڪنن مولانا فضل الرحمان ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾احتجاج ڪيو. جيڪب آباد ۾ ضلعي امير ڊاڪٽر اي جي انصاري، مولانا فدا احمد ڊول، مولانا عبدالجبار رند، حافظ مير محمد بنگلاڻي، حماد الله انصاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾احتجاج ڪيو ويو. لاڙڪاڻي ۾ ضلعي جنرل سيڪريٽري محبت علي کهڙو، مولانا محمد الياس چنه، مولانا حميد الله سيال، مولانا طارق حسين پنهور ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾احتجاج ٿيو. رتيديري ۾مولانا محمد مراد معرفاڻي، لالا اسماعيل دراني، مولانا عابد عارباڻي، محمد يونس انقلابي، غازي عبدالله جويو، سرفراز سومرو ۽ شھري ائڪشن ڪاميٽي جي چيئرمين مولا بخش بروھي جي اڳواڻي ۾احتجاج ڪيو ويو. کرڙاھه ۾مولانا عبدالحق ڦل، مولانا غلام نبي، مولانا عبدالشڪور، مولانا عبيد الله، مولانا آصف محمود، مولانا راشد عمر ڦل ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾احتجاج ڪيو ويو. مختلف هنڌن تي خطاب ڪندي اڳواڻن جو چوڻ هو ته شهيد ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جو ڪيس جيڪو 6 مهينن ۾ پورو ڪري قاتلن کي سزا ڏيڻي هئي، اهو ڪيس سست روي جو شڪار بڻيل آهي، ويتر جوابدارن کي سهولتون ڏئي شهيد جي خون سان راند کيڏي پئي وڃي، هنن چيو شهيد ڊاڪٽر خالد محمود سومرو مذهبي ۽ سياسي اڳواڻ هو، جنهن هر موڙ تي اسلام، ملڪ ۽ سنڌ جي حقن لاءِ آواز اٿاريو، جنهن ڪري هن کي گولين جو بک بڻايو ويو، هنن مطالبو ڪيو ته شهيد ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جو ڪيس فوري طور فوجي عدالتن ڏي موڪلي قاتلن کي ڦاهي جي ڦندي تي لٽڪايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.