لاڙڪاڻو: رتيديري جي گيس آفيسر کي اڍائي سال قيد ۽ 75 لک رپيا ڏنڊ جي سزا

وامي آواز رپورٽ
لاڙڪاڻو: رتيديري جي گيس آفيسر کي اڍائي سال قيد ۽ 75 لک رپيا ڏنڊ جي سزا
وامي آواز رپورٽلاڙڪاڻو: رتيديري جي گيس آفيسر کي اڍائي سال قيد ۽ 75 لک رپيا ڏنڊ جي سزا

 

لاڙڪاڻي جي عدالت، رتيديري جي گيس آفيسر کي انساني جانين کي نقصان پهچائڻ تي اڍائي سال قيد ۽ 75 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائيندي جيل اماڻي ڇڏيو.

هڪ سال اڳ گيس پائپ لائين جي ليڪيج سبب پوليس اهلڪار امجد سولنگي جي گهر کي باهه لڳڻ سبب عورت ۽ سندس نياڻي فوت ٿي ويون هيون، جڏهن ته گهر ڌڻي زخمي ٿي پيو هو.

ڊسٽرڪٽ سيشن جج لاڙڪاڻو جي جج اقبال حسين ميتلي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

عدالت

زونل انچارج  کيمراج کي انتظامي غفلت جي الزام ۾ اڍائي سالن قيد ۽ 75 لک روپيا  ڏنڊ جي سزا ٻڌائي.

عدالتي فيصلي بعد پوليس کيمراج کي هٿڪڙيون هڻي لاڪ اپ حوالي ڪري ڇڏيو……………

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.