فضل الرحمان جي پٽ علي امين گنڊاپور جو چيلينج قبول ڪري ورتو…!

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي جي هنگامي واري اجلاس ۾ حڪومتي ميمبرن خاص طور تي ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي معاملن واري وزير علي امين گنڊاپور طرفان مولانا فضل الرحمان کي سندس ئي تڪ مان چونڊ وڙهڻ جي لاءِ ڏنل چيلينج کي  جي يو آءِ (ف) جي اڳواڻ ۽ مولانا جي پٽ اسد محمود قبول ڪري ورتو.

اسپيڪر اسد قيصر جي صدارت هيٺ قومي اسيمبلي جو اجلاس ٿيو انهيءَ دوران بچاءَ واري وزير پرويز خٽڪ، علي امين گنڊاپور سميت حڪومتي ميمبرن مخالف ڌر خاص طور تي جي يو آءِ (ف) تي سخت تنقيد ڪئي ۽ مولانا فضل الرحمان کي چيلينج به ڪري ڇڏيو.

ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي معاملن واري وزير علي امين گنڊاپور جو چوڻ هو ته هو پنهنجي تڪ مان مولانا فضل الرحمان جي خلاف چونڊ وڙهڻ جي لاءِ پنهنجي سيٽ ڇڏڻ لاءِ تيار آهي.

هي به پڙهي سگهو ٿا:پي ٽي آءِ جي اڳواڻ مولانا چيلينج ڪري ڇڏيو…!

هن مولانا فضل الرحمان کي چيلينج ڪندي چيو ته مولانا فضل الرحمان ڌرڻو ختم ڪري، قوم کان معافي گهري ۽ منهنجي تڪ مان منهنجي خلاف اليڪشن وڙهي ۽ پنهنجي مقبوليت جو اندازو لڳائي.

ان چيلينج جي جواب ۾ جي يو آءِ (ف) جي اڳواڻ ۽ مولانا فضل الرحمان جي پٽ اسد محمود چيو ته هو ان چيلينج کي قبول ڪري ٿو،  توهان استعيفيٰ ڏيو ۽ آئون به استعيفيٰ ڏيان ٿو، توهان اعلان ڪيو اسان سڀاڻي ئي چونڊ وڙهنداسين.

گڏوگڏ ئي هن چيو ته هڪ سيٽ تي چونڊ وڙهڻي آهي ته هڪ تي وڙهو، سڄي ملڪ ۾ وڙهڻو آهي ته سڄي ملڪ ۾ وڙهو.

هن چيو ته اسان جيڪو معاهدو ڪيو آهي اسان ان جا پابند آهيون، اسان جو آئين سان کي ان احتجاج جي اجازت ڏيندو آهي ۽ اسان آئين ۽ قانون جي دائري ۾ رهندي پنهنجو احتجاج ريڪارڊ ڪرائي رهيا آهيون.

هي به پڙهي سگهو ٿا:آزادي مارچ: فضل الرحمان خلاف وٺ پڪڙ..!

خيال رهي ته 25 جولاءِ 2018ع جي عام چونڊن ۾ قومي اسيمبلي جي تڪ 38 (ڊيرا اسماعيل خان ون) مان پاڪستان تحريڪ انصاف  جو اميدوار علي امين گنڊاپور 81 هزار 32 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو هو جڏهن ته ان تڪ مان جمعيت علماءِ اسلام (ف) جو سربراهه مولانا فضل الرحمان  کي شڪست ملي هئي ۽ هو 45 هزار 796 ووٽ حاصل ڪري سگهيو هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.