ٺٽو: پاپوليشن ويلفيئر کاتي پاران  خانداني صحت ميلو ۽ مفت طبي ڪئمپ لڳائي وئي

عوامي آواز رپورٽ
ٺٽو: پاپوليشن ويلفيئر کاتي پاران خانداني صحت ميلو ۽ مفت طبي ڪئمپ لڳائي وئي
عوامي آواز رپورٽ ٺٽو: پاپوليشن ويلفيئر کاتي پاران خانداني صحت ميلو ۽ مفت طبي ڪئمپ لڳائي وئي

 

ٺٽي ۾ پاپوليشن ويلفيئر کاتي پاران  خانداني صحت ميلو ۽ مفت ميڊيڪل ڪئمپ لڳائي وئي، جنھن ۾ خانداني منصوبا بندي بابت مفت طبعي سھولتن سميت فيملي پلاننگ بابت آگاھي ڏني وئي.

هڪ ڏينهن واري ميلي ۾ مختلف سماجي ادارن پاران اسٽال لڳائڻ سميت اسٽيج شو، ميجڪ شو سميت ٻارڙن جي وندر جا پروگرام پڻ ڪرايا ويا

ان موقعي تي صحافين سان ڳالھائيندي ڊسٽرڪٽ پاپوليشن ويلفيئر آفيسر گل النساءِ ٽالپر چيو ته پاپوليشن کاتي ٺٽي طرفان خانداني صحت ميلي سميت فري ميڊيڪل ڪئمپ لڳائڻ جو مقصد ھتان جي عوام کي صحت جون مفت سھولتون مھيا ڪرڻ سميت ماڻھن کي تفريح مھيا ڪرڻ آھي.

ھنن چيو ته ھن لڳايل مفت ڪئمپ ۾ ماھر ڊاڪٽر ۽ ڊاڪٽرياڻين سوين مريضن جون علاج ڪري کين دوائون ڏيڻ سان گڏ سندن مليريا، شگر سميت مختلف بيماريون جون ٽيسٽون پڻ ڪيون ويون آھن

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.