رپورٽ: دادو: مهراڻ ڊوالپمينٽ آرگنائيزيشن پاران لوڊشيڊنگ خلاف احتجاجي ريلي

عوامي آواز رپورٽ
رپورٽ: دادو: مهراڻ ڊوالپمينٽ آرگنائيزيشن پاران لوڊشيڊنگ خلاف احتجاجي ريلي
عوامي آواز رپورٽ رپورٽ: دادو: مهراڻ ڊوالپمينٽ آرگنائيزيشن پاران لوڊشيڊنگ خلاف احتجاجي ريلي

 

دادو ۾ مهراڻ ڊوالپمينٽ آرگنائيزيشن پاران شهر ۾ هٿرادو لوڊشيڊنگ ۽ بلن جي آزار خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.

اسد مستوئي عباس لنڊ، علي جان ملاح ۽ ٻين چيو ته سيپڪو انتظاميا شهر ۾ 14 کان 16 ڪلاڪ اڻ اعلانيل هٿرادو لوڊشيڊنگ ڪري شهرين جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي.

هنن چيو ته ايس ڊي او ون قربان ٻٻر ۽ لائين سپريٽينڊنٽ غلام سرور سهتو ٽرانسفارمرن جا جمپر لاهي ڇڏين ٿا جنهن سبب گهرن جو سامان سڙي وڇي ٿو.

اڳواڻن چيو ته سيپڪو عملدارن کي شڪايت ڪرڻ باوجود هٿرادو لوڊشيڊنگ ۽ ٽرانسفارمرن جا جمپر لاهڻ وارو آزار گهٽ نه ٿيو آهي.

هنن مطالبو ڪيو ته نااهل عملدارن کي هٽائي لوڊشيڊنگ ۽ ڳرن بل جو آزار گهٽايو وڃي……………..

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.