پاڪستان لڳاتار شڪستن بعد نيٺ ڏکڻ آفريڪا کي هارائي ڇڏيو

لارڊز (م ڊ ) پاڪستان لڳاتار شڪستن  بعد نيٺ هڪ هڪ فتح ماڻي ورتي. سرفراز اليون  ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 2019 جي 30هين ميچ ۾ ڏکڻ آفريڪا کي 49 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي.  لارڊز ۾ پاڪستان ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪيو. ٽيم حارث سهيل جي شاندار اننگز عيوض مقرر اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 308 رنسون ٺاهيون. شعيب ملڪ جي جاءِ تي ٽيم ۾ شامل ڪيل حارث سهيل 59 بالن تي 3 ڇڪن ۽ 9 چوڪن جي مدد سان 89 رنسون ٺاهي ٽاپ اسڪورر رهيو. بابر اعظم 69، اوپنر امام الحق ۽ فخر زمان ترتيب وار 44-44، عماد وسيم 23 ۽ محمد حفيظ 20 رنسون ٺاهيون. ڏکڻ آفريڪا طرفان لنگي اينگڊي 3، عمران طاهر 2، جڏهن ته اينڊائل ڦيلڪوايو ۽ ايڊن مارڪرم هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي پاڪستان جي مليل 309 رنسن جي هدف پويان  ڏکڻ آفريڪي ٽيم مقرر 50 اوورن ۾  9 وڪيٽن جي نقصان تي 259 رنسون ٺاهي سگهي. ڪپتان فاف ڊوپليسي 69 رنسن سان ٽاپ اسڪورر رهيو، جڏهن ته ٻين رانديگرن ۾ ڪوئنٽن ڊي ڪوڪ 47، اينڊائل ڦيلڪوايو 46، وان ڊر ڊوسين 36، ڊيوڊ ملر 31، رنسون ٺاهيون. هاشم آمله 2 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو. پاڪستان طرفان وهاب رياض ۽ شاداب خان 3-3، محمد عامر 2، جڏهن ته شاهين شاهه آفريدي هڪ وڪيٽ ورتي. 03

آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي ميچ ڏسڻ لاءِ اسٽيڊيم آمد

لنڊن (م ڊ ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا جي ميچ ڏسڻ لاءِ اسٽيڊيم پهتو. لنڊن ڪرڪيٽ گرائونڊ لارڊز ۾ پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا وچ ۾ دلچسپ ميچ جاري آهي. ميچ ڏسڻ لاءِ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه به اسٽيڊيم پهچي ويو آهي.  آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سميت ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور ۽ برطانوي پرڏيهي وزير جيرمي هنٽ به ميچ ڏسڻ لاءِ اسٽيڊيم پهتا. آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه ميچ ڏسڻ لاءِ اسٽيڊيم آمد وقت پاڪستاني ٽيم جي مداحن سان به ملاقات ڪئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.