بيضو به چهري جي خوبصورتي لاءِ فائديمند آهي….

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) بيضو هونئن ته کاڌي پيتي جي شين ۾ استعمال ٿيندو آهي پر اهو چهري توڙي وارن جي سُونهن برقرار رکڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو.

بيضي جي استعمال سان چهري تان گُهنج به ختم ڪري سگهجن ٿا.

جيڪڏهن توهان جي چهري تي گُهنج آهن ته هڪ بيضي کي ڀَڃي ان کي چڱيءَ طرح گڏائي ماسڪ ٺاهي ڇڏيو، هاڻ اهو ماسڪ 20 منٽن تائين پنهنجي چهري تي لڳائي ڇڏيو، پوءِ ٿڌي پاڻي سان مُنهن ڌوئي ڇڏيو، ان سان توهان جي چهري جا گُهنج ختم ٿي ويندا.

ان سان گڏوگڏ بيضو وارن جي واڌ ويجهه لاءِ به استعمال ڪري سگهجي  ٿو. جيڪڏهن توهان پنهنجي وارن کي نَرم ۽ ملائم رکڻ چاهيو ٿا ته بيضي کي ڀَڃي ان ۾ ٻه چمچا تيل جا شامل ڪيو ۽ اڌ ڪلاڪ لاءِ مٿي ۾ وجهي ڇڏيو، اهو توهان جي وارن لاءِ بهترين ڪنڊيشنر ثابت ٿيندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.