ليبر کاتي جي صوبائي وزير مرتضيٰ بلوچ چيو آهي ته پ پ مزدورن جي حقن جي ضامن آهي، جنهن پورهيتن جي حقن لاءِ ڀرپور جاکوڙ ڪئي آهي.
صوبائي وزير مرتضيٰ وهاب، ايم اين اي آغا رفيع الله ۽ ٻين سڀاڻي دائود چورنگي تي ٿيندڙ جلسي جي تيارين جو جائزو ورتو.
ان موقعي تي صوبائي وزير چيو ته پ پ مزدور دوست پارٽي آهي، جنهن هميشه پورهيتن جي حقن جي ڳالهه ڪئي آهي، جنهن ڪري ملڪ جو عوام پ پ سان گڏ آهي.
هن چيو ته پ پ ڪراچي سوڌو سڄي سنڌ ۾ رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا آهن تنهن ڪري سنڌ جو عوام هر ڀيري کين ڪامياب ڪري ايوان ۾ پهچائيندو آهي