رپورٽ: ٺٽو: قومي شاهراهه ڪيئن بڻيو روڊ حادثن جو مرڪز؟؟ ڄاڻي حيران ٿي ويندو

ٺٽي ڀرسان قومي شاهراهه تي تيز رفتار ڪوسٽر ڊرائيور جي ضابطي مان نڪري ڪلٽي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارڙن سوڌو 35 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن.

ڪينجھر کان ڪراچي ويندڙ ڪوسٽر ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي عرفان ميمڻ، ممتاز، حماد، افسر، ورشاءَ ۽ ٻيا زخمي ٿي پيا، جن کي ايڌي ايمبولينس ۽ پوليس موبائيلن ذريعي سول اسپتال  پهچايو ويو.

اسپتال انتظاميا موجب 8 کان زخمين جي حالت نازڪ هئڻ ڪري کين ڪراچي منتقل ڪيو ويو آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته حادثي جي شڪار بڻيل سمورن زخمين جو تعلق ڪورنگي نمبر 5 ڪراچي سان آھي، جيڪي ڪينجھر ڍنڍ جو سير ڪري واپس ڪراچي وڃي رهيا هئا ته حادثو پيش آيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.