ايندڙ چونڊن ۾ ڪنهن بيساکي جي ضرورت نه پوندي: عمران خان

لاهور (م ڊ) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان چيو آهي ته اميد ته ايندڙ وقت ۾ اسان کي ڀرپور مينڊيٽ ملندو ۽ ڪنهن سهاري جي ضرورت نه پوندي.عمران خان سان زمان  پارڪ ۾ رتائرڊ سيشن ججن جي وفد ملاقات ڪئي ۽ 297 ميمبرن طرفان تحريڪ انصاف چيئرمين سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو ويو.عمران خان ججن سان گفتگو ڪندي چيو ته ڪيترائي جج آر اوز به رهي چڪا آهن، اهڙا جج به هئا، جيڪي اينٽي ڪرپشن جا ڪيس ڏسندا رهيا آهن، اسان کي سوچڻو پوندو ته ڪيئن عام معاشري کي تحفظ ڏئي ٿا سگهون.هن چيو ته اسان ملڪ ۾ سڌارن جي ايجنڊا کڻي اڳتي وڌنداسين ۽ معاشري جي بهتري لاءِ قانون جي حڪمراني قائم ڪنداسين، جيڪو تمام گهڻو ضروري آهي.سندس چوڻ هو ته اسان عوام جي ڀلائي چاهيون ٿا ۽ پراميد آهيون ته مستقبل ۾ ڀرپور مينڊيٽ سان حڪومت ٺاهينداسين، تحريڪ انصاف ڪڏهن ڳالهين کي پٺي ناهي ڏني پر اسان رڳو چونڊن جي معاملي تي ڳالهائينداسين.

  • پيٽرول 4 کان 5 رپيا ۽ ڊيزل 15 کان 20 رپيا سستو ٿيڻ جو امڪان

اسلام آباد (م ڊ) عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جي قيمتن ۾ لاٿ جو سلسلو جاري آهي، جنهن سبب پاڪستان ۾ پهرين اپريل  کان پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو امڪان آهي. آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين جو اندازو آهي ته ملڪ ۾ ڊيزل جي قيمت ۾ 15 کان 20 رپيا في ليٽر جڏهن ته پيٽرول جي قيمت ۾ 4 کان 5 رپيا في ليٽر گهٽتائي جو امڪان آهي. ٻئي پاسي صنعتي ذريعن جو چوڻ آهي ته ان ڳالهه جو امڪان آهي ته حڪومت قيمتن ۾ ڦيرڦار نه ڪري. 03

  • جسٽس جمال يوٽرن ورتو، سمجهه ۾ نه ايندڙ وضاحت ڏني: فواد چوڌري

اسلام آباد (م ڊ) پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس جمال مندوخيل جي ريمارڪس بابت بيان جاري ڪري  ڇڏيو آهي. ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ فواد چوڌي چيو ته جسٽس مندوخيل  يو ٽرن ورتو ۽ پنهنجي بيان جي سمجهه ۾ نه ايندڙ وضاحت ڏني. فواد چيو ته جسٽس جمال کي گهرجي ها ته جيڪڏهن اها ڳالهه هئي ته هو بينچ ۾ ويهڻ کان معذرت ڪندي چوي ها ته هو اهو بار نٿو کڻي سگهي. فواد چوڌري چيو ته سپريم ڪورٽ جي جج کي ايترو ڪمزور نه هجڻ گهرجي.

  • حسان نيازي کي 24 ڪلاڪن ۾لاهور منتقل ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ايسٽ جي عدالت ۾ حسان نيازي جي راهداري ضمانت تي   ٻڌڻي ٿي.عدالت درخواست واپس وٺڻ تي خارج ڪري ڇڏي.عدالت جاچ آفيسرکي  24 ڪلاڪن ۾ حسان نيازي کي لاهور منتقل ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.جوابدار کي 24 ڪلاڪن ۾ ڪوٽ لکپت جيل ۾ پيش ڪرڻ جي هدايت به جاري ڪئي وئي جڏهن ته حسان نيازي جي وڪيل چيو ته حسان نيازي جا ڪيس ختم ٿي ويا آهن، گڏاپ ٿاڻي جي پوليس کيس غير قانوني تحويل ۾ رکيو آهي.عدالت چيو ته حفاظتي ضمانت هاءِ ڪورٽ ڏئي سگهي ٿي، اهڙي معاملي جي به ضمانت هاءِڪورٽ ڏئي سگهي ٿي.

  • ڪراچي اسپتال مان جعلي ليڊي ڊاڪٽر گرفتار

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي سول اسپتال ۾مريض عورت کي نشي واري انجيڪشن هڻي پئسا ڦريندڙ جعلي ليڊي ڊاڪٽر  کي گرفتار ڪيو ويو.سول اسپتال انتظاميا ۽ سڪيورٽي عملي سي سي ٽي وي فٽيج جي مدد سان سڃاڻپ ڪري جوابدار عورت کي گرفتار ڪيو.ٻڌايو پيو وڃي ته اسپتال انتظاميا متاثر عورت جي شڪايت تي ڪارروائي ڪئي، عورت جي بيگ مان بيهوشي جي انجيڪشن ۽ موبائل فون هٿ ڪيا ويا. سي سي ٽي وي فٽيج ۾عورت ليبارٽري جو ڪوٽ پائي گهمندي نظر اچي رهي آهي.

  • عورت جج کي ڌمڪي جي ڪيس ۾ عمران خان جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا وارنٽ

اسلام آباد( م ڊ) عورت جج کي ڌمڪي ڏيڻ واري ڪيس ۾ عمران خان جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا   ويا آهن عورت جج کي ڌمڪي ڏيڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جڊيشل مئجسٽريٽ ملڪ امان عمران خان کي 18 اپريل تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو آهي . عمران خان جي وڪيلن پاران حاضريءَ کان ڇوٽ ۽ ضمانت جوڳا وارنٽ برقرار رکڻ جي استدعا ڪئي وئي . سرڪاري وڪيل مخالفت ڪندي چيو ته عمران خان تي حملي جون ڳالهيون ٻڌي ٻڌي ڪن پچي پيا آهن، 2 ڏينهن اڳ عمران خان هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيو ته ان وقت کيس خطرو نه هو. عدالت عمران خان جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.   03

  • ڪسان اتحاد ملڪ ۾ زرعي ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

ڪراچي (رپورٽر) ڪسان اتحاد سڄي ملڪ ۾ زرعي ايمرجنسي جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته زراعت بهتر ٿيندي ته معيشت بهتر ٿيندي.ڪراچي ۾ پاڪستان  ڪسان اتحاد جي صدر خالد محمود کوکر ملڪ ۾ فوري طور تي زرعي ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.هن چيو ته پيداوار نه وڌي ته فوڊ سڪيورٽي خطري ۾پئجي ويندي، زراعت بهتر ٿيندي ته معيشت به بهتر ٿيندي ۽ امن امان به بهتر ٿيندو، آرمي چيف کي گذارش آهي ته هارين سان گڏجي بنجر علائقن کي زراعت هيٺ آندو وڃي.خالد محمود کوکر چيو ته جديد مشينري ۽ ٽيڪنالاجي کي اختيار ڪرڻ گهرجي، زرعي زمينن تي سوسائٽيون قائم ڪرڻ تي پابندي لڳائي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.