پاڪستاني عوام جي سياسي نسل ڪشي روڪي وڃي: عالمي ادارن کي خط

اسلام آباد(م ڊ) اڳوڻي اسپيڪر ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد قيصر آمريڪي ايوان نمائندگان، هائوس آف لارڊز، يورپي يونين ۽ انساني حقن جي تنظيمن کي عمران خان، پارليامينٽ ميمبرن ۽ ڪارڪنن تي تشدد جو نوٽيس وٺڻ  جي اپيل ڪري ڇڏي، قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر دنيا جي پارلياماني ۽ انساني حقن جي فورمن کي خط لکي ڇڏيا، خطن ۾ هن چيو ته مان اڳوڻي اسپيڪر طور پاڪستان ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙيون علم ۾ آڻڻ چاهيان ٿو، پاڪستان تحريڪ انصاف ملڪ جي مقبول ترين سياسي پارٽي آهي، ڪي پي ۽ پنجاب ۾ نگران حڪومتن انساني حقن جون ڀڃڪڙيون ڪيون آهن، عمران خان کي سياست مان ڪڍڻ لاءِ ڪوڙا فوجداري ڪيس داخل ڪيا ويا، اڳوڻي وزيراعظم جي گهر تي ڪيترائي حملا ۽ ڪارڪنن تي تشدد ڪيو ويو، پي ٽي آءِ تي غيرآئيني طور تي پابندي مڙهڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، هن لکيو ته صحافي ارشد شريف کي قتل ڪيو ويو، هن جي والده کي انصاف نه مليو، پي ٽي آءِ ڪارڪن ظل شاهه کي پنجاب پوليس حراست دوران تشدد سان قتل ڪيو، پي ڊي ايم اعليٰ عدليه تي جعلي آڊيووڊيوز ذريعي بليڪ ميلنگ ڪري چڪي آهي، خط ۾ هن چيو ته اليڪشن ڪميشن غيرآئيني طور تي ٻن صوبن ۾ چونڊون ملتوي ڪيون، وزيراعظم جي ڀائيٽي مريم نواز سياسي ڪارڪنن کي تعصب ۽ نسل پرست قرار ڏنو، پاڪستاني عوام جي سياسي نسل ڪشي، جمهوريت جي تباهي روڪڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.