منهڙو ڀرسان روهڙي ڪئنال مان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ

منهڙو (ن ع آ) منهڙو ڀرسان پٻجو ٿاڻي جي حد ۾  روهڙي ڪئنال جي يوسف ڏاهري موري ۾ نامعلوم شخص جو لاش ڦاٿل مقامي ماڻهن موري ۾ لاش ڦاٿل ڏسي منهڙو پوليس کي اطلاع ڏنو اطلاع ملڻ تي منهڙو پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کي روهڙي ڪئنال مان ٻاهر ڪڍڻ لاءِ ڪوششون شروع ڪري ڇڏيون مسلسل ڪوششن بعد منهڙو پوليس اڻڄاتل شخص جو لاش مقامي ماڻهن جي مدد سان روهڙي ڪئنال مان ٻاهر ڪڍي ورتو جڏهن ته لاش جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي رابطو ڪرڻ تي منهڙو چوڪي انچارج نثار احمد جمالي ٻڌايو ته روهڙي ڪئنال مان مليل لاش ڪافي ڳريل آهي لاش پراڻو لڳي رهيو آهي جڏهن ته لاش جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي لاش پوسٽ مارٽم لاء شاهپورجهانيان اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.