روايتي ۽ جديد حساسيت جي امتزاجي رنگن سان رڱيل مقصود گل جي شاعري

نصير سومرو

ڇند ماترڪ گھاڙيٽن ۾ چيل بيت، وائي، لوڪ گيت ۽ ٻين ڪلاسيڪي صنفن واري سنڌي شاعري جي ڪاڪ محل جي تزئين ۽ آرائش ۾ فارسي غزل، مثنوي جي عروضي صنفن کان علاوه جپاني هائيڪي، فرينچ ترائيل، انگريزي سانيٽ، آزاد نظم ۽ نثري نظم جا فني توڻي فڪري جاذبيت جا رنگ ڀرين ٿا. سنڌي ٻوليءَ ۾ ڌارين اثرن کي قبول ڪرڻ ۽ ان کي معروضيت جي گھرجن مطابق پنهنجي رنگ ۾ رڱي ڇڏڻ جو لاڙو نه رڳو سڀاويڪ آهي پر سنڌي ٻوليءَ جي زندهه هجڻ جو ثبوت به ڏئي ٿو. سو سنڌي شاعراڻو ادب ڪلاسيڪيت ۽ جديد حساسيت جي فني فڪري تجربن جو امتزاج آهي. اهو امتزاج ڏيهي پرڏيهي ٻولين جي مشترڪ جاگرفيائي ۽ ثقافتي مزاج سبب وحدت جو روپ ڌاري ٿو. سچل سرمست ڇند ماترائن ۾ به شعر چيو، اعراڻي  جنهن جون پاڙون سنڌ ساڻيهه جي مٽيءَ ۾ کتل آهن ۽ عروضي بحرن ۾ به مثنوي ۽ غزل لکي نون تجربن جو رستو هموار ڪيو. غزليه صنف ۾ ته پورو ديوان لکي ورتو، جيڪو ديوان آشڪار نالي مطبوعه حالت ۾ دستياب آهي. مثنوي جو سنڌي ۾ پروفيسر عطا محمد حاميءَ ترجمو ڪيو ۽ ان سنڌي ترجمي تان اردو منظوم ترجمو نامياري شاعر ۽ نثر نويس قاضي مقصود گل ڪيو آهي.

مقصُودگل 15 اپريل 1950ع تي ضلعي لاڙڪاڻي جي تاريخي شهر رتو ديرو ۾ پنهنجي دور جي برک شاعر، تعليمدان، مُصوّر، صحافي ۽ سماج سُڌارڪ، قاضي عبدالحيُّ قائل جي گھر ۾ جنم ورتو.  قاضي گهراڻي مان ڪيترين ئي شخصيتن علم، ادب، شاعري ۽ آرٽ جي تخليقي فنن ۾ پاڻ ملهايو آهي۔ گل صاحب عوامي آواز ۾ روز مره جي واقعن ۽ حالتن تي پنهنجي دانشوراڻي راءِ جو اظهار آخري ساهه کڻڻ تائين ڪڏهن ڪالم ڪڏهن شاعراڻي اسم ۾  ڪندو رهيو.ساڳي طرح سان عوامي آواز ۾ روزانو چوسٽو شعر لکندڙ ۽ مشهور براڊ ڪاسٽر، ڪمپيئر ياسر قاضي رشتي ۾ سندس فرزند ٿئي.

مکڙي کان گل ٿي ٽرڻ تائين گل پنهنجي رنگت ۽ خوشبو کي بصارت ۽ بصيرت جي ڌڻين کي ”جان جان هئي جيئري ورچي نه ويٺي“ جي مصداق پنهنجي هئڻ جو احساس ڏياريو۔ علمي ادبي ماحول ته ورثي ۾ مليس. ڏات ڌڻيءَ لاءِ اهو وڏو سڀاڳ آهي، جو تخليقي صلاحيتن کي فنڪارانه شڪل ڏيڻ ۾ گھربل سهڪاري سهولتون سندس آس پاس هجن. سهولت ڪاري ۽ سهڪار پنهنجي جاءِ تي، پر مقصود صاحب جي شخصي دلچسپي ۽ سماجي شعور جي پنهنجي طاقت هئي، جنهن کيس اُتساهه بخشيو. پنهنجي ذات جي شعور مان سماجي شعور جي تشڪيل ٿئي ٿي. سماجي شعور ماديتي به آهي فڪري به آهي. ماديتي وجود پنهنجون هيئتون مٽي مٽي آخرڪار اَلکا حالت ۾ منظر تان غائب ٿيو وڃي، پر فڪري وجود، يا روح کي دائميت آهي. سو مقصود گل پنهنجي اولاد، ڪردار، آڊيو وڊيو جي ورچوئلٽي ۾ پوشيدا آهي. ذڪر ٿئيس ٿو، پڙهجيس ٿو ته اها مڃتا ئي امرتا آهي.

گل کي عالمن فاضلن جي صحبت ۾ رهڻ، مطالعي ۽ مشق سخن ۾ اصلاح وٺڻ جي ڪري لسانياتي باريڪين ۽ عروض تي دسترس هئي. هُو 1977ع کان 1988ع تائين ڀوائتي خواب جهڙين سياسي حالتن جو چشم ديد گواهه به هو ۽ مُدرڪ به هو. جرئت ۽ بيباڪي سان شاعري ڪيائين. سندس ”سچو شاعر“ جي سري هيٺ لکيل شاعراڻو اسم ته جهڙوڪ شاعريءَ جو پڌرنامو هجي. مثال طور:

پيار امن جي ڳوليندڙ کي لوڪ چئي ٿو سچّو شاعر

رت جا ڳوڙها روئيندڙ کي لوڪ چئي ٿو سچّو شاعر

لفظ ته آهن بي ساها پر سوچ وجھي ٿي ساهه انهن ۾

سندر سوچون سرجيندڙ کي لوڪ چئي ٿو سچّو شاعر

جنهن به اکر ڪلڪ ڇهي سو سپ جي پيٽان نڪتو سو

جڳ جي جيون جوريندڙ کي لوڪ چئي ٿو سچّو شاعر

ديس دروهي دشمن جي لاءِ ڪانڊن ٽانڊن جي ڄر آهي

ظلم ستم جي جھيڙيندڙ کي لوڪ چئي ٿو سچّو شاعر

پڄي پڄري شعر لکي ٿو بيتن ۾ بارود ڀري ٿو

ويرين تي بم اڇليندڙ کي لوڪ چئي ٿو سچّو شاعر

گيت سگھارا پورهيت لاءِ دل جي رت سان لکندو آهي

پاڻ وطن کي ارپيندڙ کي لوڪ چئي ٿو سچّو شاعر

سونهن سندرتا سج و ساکي ٻوليءَ لوليءَ جو رکوالو

سچ جي سج کي پوڄيندڙ کي لوڪ چئي ٿو سچّو شاعر

نفرت جا ڪل ڪنڊا ميڙي الفت جا ٿو گلّ پکيڙي

سُرهاڻِين جي ورڇيندڙ کي لوڪ چئي ٿو سچّو شاعر

شاعر بڻجي ڏک سک جي ڪيفيتن مان پلئه پيل دانائيءَ کي جمالياتي انداز ۾ اظهارڻ جو رستو وٺڻ ۽ مٿس عمر ڀر استقامت سان هلڻ جي چونڊ رضاڪاراڻو عمل آهي جيڪو مقصود گل صاحب ڀرپور نموني نڀايو. سندس لفظن ۾ ته:

جا گھڙي جئرو هجان لکندو رهان

سنڌ منهنجي ساهه جو سينگار آ

کيس ٻارڙن لاءِ شاعري ڪرڻ، ڪهاڻيون لکڻ ۾ وڏي دلچسپي رهي ۽ ٻاراڻي ادب کي هٿي وٺرائڻ لاءِ رسالا به شايع ڪيا. تحقيق هجي يا ترجمو، جيترو ۽ جيئن لکيائين اهو دستاويزي شڪل ۾ پڙهندڙن تائين پهچايو۔ ڇپيل سندس ڪتابن جو وچور هن ريت آهي:

”وکريل موتي“ پروفيسر عطا محمد حاميءَ جي مقالن کي ترتيب ڏنل ڪتاب 1983ع ڌاري شايع ٿيو۔

”زندگيءَ ڏي موٽ“ ڪرشن چندر جي ڪهاڻين جو سنڌي ترجمو  1985ع ۾ ڇپيو۔

”ڪرڻا ڪرڻا“ ٻارڙن لاءِ شاعري جو ڪتاب 1986ع) ۾ آيو۔

”رت ڀنا رابيل“ مزاحمتي شعري مجموعو 1991ع ڌاري ادب جي افق تي نمودار ٿيو۔

”هٺيلي هرڻي“ ٻارڙن لاءِ ڪهاڻي ڪتاب 1993ع) ۾ شايع ٿيو۔

”عشق سمندر“ بيباڪ شاعر سچل سرمست جي فارسي مثنوين جو منظوم اردو ترجمو 2003ع) ڌاري ڇپيو۔

”اندر رُوح رهيام“ ڊاڪٽر عطا مُحمّد ”حاميءَ“ بابت لکيل مضمونن ۽ مقالن تي مشتمل ڪتاب 2002ع ۾ شايع ٿيو۔

”رتوديرو ــ مختصر تاريخ“ نالي تاريخي ڪتاب 2002ع) ڌاري پڙھندڙن تائين پهتو۔

”اي آهو چشم کدهر“ شيخ اياز جي ٻن شعري مجمُوعن: ”پتڻ ٿو پُور ڪري“ ۽ ”هرڻ اکي ڪيڏانهن“ جو اردو ترجمو 2010ع) ۾ شايع ٿيو۔ ”اکڙيُون نِيل ڪنول“ شاعري جو ڪتاب 2014ع) ڇپجي پڌرو ٿيو۔

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.